اسان جو معاشرو جنھن ھڪ عزت دار عورت کي اڄ تائين قبول ناھي ڪيو، ان سان اڄ تائين جانورن وارو سلوڪ ڪيو ويو آھي ۽ ڪندو اچي ٿو ته اھو ڪيئن ھڪ طوائف کي پنھنجي معاشري ۾ برداشت ڪري سگهندو؟ ھڪ عورت جڏھن عزتدار عورت ھئي ته ان ۾ طوائف واريون عادتون ڳوليون ويون ۽ جڏھن ھوءَ طوائف بڻجي وئي ته ھن کي برو ڀلو چيو ويو.
ڏٺو وڃي ته ٻين کي اسين ايئن ڏسندا آھيو جئين ڪتو گوشت جي دڪان کي ڏسي ۽ تيار رھي ته ڪڏھن گوشت جو ٽڪر ڪري پوءِ ۽ مان کڻي کائي ڇڏيان، ايئن ئي اسان جو معاشرو عورت کي ڏسندو آھي . ھر طوائف کي ايئن ئي ڏسندو آھي، ھر انسان جي اندر ھڪ حيوانيت ھوندي آھي، اھا حيوانيت ڪڏھن نه ڪڏھن ضرور نڪري سگھي ٿي، پوءِ اھا عورت جي حيوانيت ھجي يا مرد جي ۽ ان کي ٿورڙا ماڻھو سمجھي سگھن ٿا. طوائف ته ھڪ تلخ حقيقت آھي جنھن کي ھر ڪوئي تلخ ناھي چئي سگھندو، ڇا طوائف نه ٿي چاھي ته هن کي ڪير سمجھي، هن کي ڪوئي پنھنجو عزت بڻائي نه ئي ڪو چاھيندو ته عورت کي اسين عزت ڏيون پنھنجو بڻايون، مان به نه، توھان به نه اھا به ھڪ تلخ حقيقت آھي، ته اسان ڳالھائي ۽ لکي سگھندا آھيون، ڪنھن نه ڪنھن جي باري ۾ پر ان کي قبول گھٽ ئي ماڻھو ڪري سگھندا آھن . ڇا طوائف وٽ دل ناھي، ڇا اھا نٿي چاھي هن کي ڪوئي عزت ڏي، اھو چاھي زباني ھجي، جسماني ھجي، يا احساسي ھجي ھوءَ به انسان آھي! مطلب اسان سمجھي سگھون ٿا ته طوائف جو ڪم غلط آھي پر ڪڏھن نه سوچيو آھي ته اھي ائين ڇو ڪنديون آھن؟ آخر انھن جي مجبوري ڇا آھي ؟؟ ھنن ڇا چاھيو ؟؟ ھنن جا ڪھڙا خواب ھئا. ھنن جي ڪھڙي مجبوري آھي،اھو ڪم انھن جو آخري آپشن ڪيئن بڻجي ويو آهي؟ جو ھن کي ٻيو ڪجهه به نه سمجهه ۾ نه آيو، اهو اسين بلڪل نه سوچيندا آھيون .بس طوائف آھي ته گند اڇلايو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته طوائف ڏانهن وڃڻ واري ھر مرد جي اھا ئي حيثيت ھجڻ گھرجي جيڪا اتي رھندڙ طوائف جي آھي، جيڪڏهن اتي ويٺل ھڪ عورت بدڪردار بيغيرت آھي ته اتي وڃڻ وارو ھر مرد به بيغيرت ۽ بد ڪردار آھي، پوءِ طوائف نگر تي وڃڻ وارو ھر مرد پاڻ کي نواب، ڪانڀو خان ڇو پيو سڏائي، انھيءَ کي به طوائف وارو لقب ملي سگھي ٿو. پر اسان برداشت ڪرڻ واري کي ڏوھي ۽ ظلم ڪندڙ کي نواب سڏائيندا آھيون .چوندا آھن ته طوائف جي نماز جنازا نه ٿيندي آھي، ھن جي نماز جناز جائز نه آھي، جيڪڏهن طوائف جي نماز جنازا جائز نه آھي ته اتي وڃڻ واري مردن جي به نماز جنازا نه ٿيڻ گھرجي، جيڪڏهن طوائف نگر ويندڙ مرد جو نماز جنازا ٿي سگهي ٿو ته ان طوائف جي نماز جنازا ڇو نه ٿي سگھي ٿي ؟ اھو به ھڪ حيوانيت وارو رويو آھي.
اسان کي ھر ڪنھن جي عزت ڪرڻ کپي، عزت ڪرڻ سان اسان جو پنھنجو فائدو آھي. عزت ڪرڻ سان اسان جو مرتبو بلند ٿيندو آھي. عزت ڏيڻ ۽ عزت وٺڻ ۾ صرف وڙ لڳندو آھي پئسا ناھن لڳندا جيڪا سڀ ماڻھون ڏئي سگهندا ۽ وٺي سگهندا آھن عزت جي وڙ کي ڪجهه ماڻھو ئي سمجھي سگھندا آھن.سو دردن ۽ ڏکن کي ھميشه سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا ڪريو ، جڏھن اسان ٻين جي ڏکن کي سمجھي وياسين، جڏھن اسان ھڪ انسان کي سمجھي وياسين پوءِ خدا اسان کي سمجھي ويندو آھي پوءِ اھو اسان سان پيار ڪرڻ شروع ڪندو آھي، جڏھن اسان ھن جي مخلوق کي سمجھي ويندا آھيون ، ته خدا پاڻ فرمائي ٿو ته تون منھنجي خلقيل شين جي عزت ڪر ۽ انھن کي سمجھه، مان توتي رحم، ٻاجھه ڪندس ۽ توسان محبت ڪندس .
باقي جيڪڏهن ھڪ انسان غلط ڪري ٿو ته ھن کي روڪي سگھو ٿا ۽ سمجھائي سگھو ٿا . جيڪڏهن ان جو ڪم روڪڻ ۽ سمجھڻ کان چڙھيل آھي ته ان کي خدا تي ڇڏي ڏيو، خدا پاڻ ئي مھربان آھي، خدا پاڻ پوءِ ان کي سمجهائيندو، ان جي ڏکن کي پري ڪندو ۽ خدا پاڻ ان جي مدد ڪندو . اسان جو ڪم آھي ان سان پيار سان پيش اچڻ، باقي ڪم خدا جو آھي .