ممبئي(ويب ڊيسڪ)ويرات ڪوهلي پنهنجي 14 سالن جي شاندار ڪيريئر کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي سندس مداح اداس ٿي ويا آهن، جڏهن ته سندس گهرواري ۽ مشهور اداڪارا انوشڪا شرما هڪ جذباتي پيغام جاري ڪيو آهي.
انوشڪا شرما پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ تي پنهنجي مڙس ويرات ڪوهلي لاءِ هڪ حوصلا افزائي ۽ جذباتي پيغام لکيو. هن ويرات کي ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته “مان اهي ڳوڙها نه وسارينديس، جيڪي تو ڪڏهن ظاهر نه ڪيا۔”
انوشڪا، ويرات جي هڪ پراڻي ٽيسٽ ميچ جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ماڻهو اهي رڪارڊ ياد رکندا جيڪي تو حاصل ڪيا، پر مان اهي ڳوڙها ياد رکنديس جيڪي تو ڪڏهن نه وهايا، اها ويڙهه جيڪا ڪنهن نه ڏٺي، ۽ هن فارميٽ لاءِ تنهنجي اٽل محبت.
هن وڌيڪ لکيو ته مان ڄاڻان ٿي ته انهن سڀني تجربن مان تو تمام گهڻو سکيو، هر ٽيسٽ سيريز کان پوءِ تون وڌيڪ سمجھدار ۽ عاجز ٿئين، ۽ انهيءَ سڀ عمل دوران توکي نکرندي ڏسڻ منهنجي لاءِ اعزاز هو.