ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي فلم انڊسٽري جي سپر اسٽار سلمان خان جي پاڪستان جي حمايت ۾ ڳالهائيندڙ پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
سلمان خان جي هيءَ پراڻي وڊيو اهڙي وقت تي گردش ڪري رهي آهي، جڏهن ڀارت، پاڪستان تي پهلگام واقعي جو الزام لڳائيندي بزدلاڻا حملا ڪري رهيو آهي.
ڀارت جي پاڪ زمين خلاف آپريشن "سندور” جو پاڪ فوج طرفان آپريشن "بنيان المرصوص” ذريعي موثر جواب ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبندي جو معاهدو ٿيو آهي.
وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ سلمان خان دهشتگردي جي الزامن تي پاڪستان جي حق ۾ ڳالهائيندي نظر اچي ٿو. هو چوي ٿو ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ اتي جي حالتون انهن جي ڪنٽرول ۾ ناهن، تنهن ڪري ڪنهن به واقعي کان پوءِ سڌيءَ ريت الزام لڳائڻ مناسب ناهي.
سلمان خان وڌيڪ چيو ته ڀارت کي به دهشتگردي جهڙن مسئلن جو منهن ڏيڻو پوي ٿو. تنهنڪري ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته گڏجي ان خطري جو خاتمو ڪن.
هن چيو ته اسلام ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي جي تعليم نٿو ڏي، نه قرآن ۽ نه ئي حديثن ۾ ڪنهن بيگناهه کي قتل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي۔