لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ۽ مشهور ميزبان ناديا خان، پاڪ-ڀارت تڪرار دوران ڀارتي ميڊيا جي رپورٽنگ تي دلچسپ تبصرو ڪندي چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا مودي کي ايشوريا راءِ بڻائي ڇڏيو آهي.
هڪ نجي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي ناديا خان ڀارتي چينلن جي رپورٽنگ کي رڳو تماشو قرار ڏنو ۽ چيو ته ڀارتي ميڊيا صحافت جي بدران مزاحيا فلم جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.
ناديا خان چيو ته ڀارتي ميڊيا جي ڪوريج ڏسي ايئن لڳو ڄڻ اسڪرپٽ اڳ ۾ ئي لکيل هو، وڊيوز، گرافڪس ۽ رپورٽرن جي باڊي لينگويج سڀ ڪجهه ايترو تيار ٿيل لڳو، ڄڻ اهو سڀ ڪجهه ٻه مهينا اڳ رڪارڊ ڪيو ويو هجي.
هن وڌيڪ چيو ته لڳي ٿو ڀارتي چينل خبرون نٿا ڏين پر ڪارٽون شو هلي رهيا آهن، جيئن اهي رڙيون ڪري رهيا هئا، ماڻهو کلي کلي کِيرا ٿي پيا آهن.
ناديا خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ميڊيا ۾ خوبصورتي سان پيش ڪرڻ تي به تنقيد ڪئي.
هن چيو ته مودي کي ايئن ڏيکاريو ويو، ڄڻ هو ايشوريا راءِ هجي، لڳو ڄڻ هو ڪيترا مهينا فئشل ڪرائي رهيو هجي، سندس تياري، لائٽنگ ۽ ڪيمرا اينگل سڀ فلمي لڳا.
ناديا خان جي اهڙي طنزيا تبصري سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي، جتي واهپيدار ڀارتي ميڊيا جي سنجيدگي تي سوال اُٿاري ناديا جي تجزيي کي ساراهيو.