ناليواري اداڪارا عايزا خان کي پاڪستان جي مقبول ترين اداڪارائن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو، جيڪا هن وقت اداڪاري سان جڙيل اسڪول جي ڪلاسن ۾ مصروف آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن جي سوشل ميڊيا پوسٽ کي واهپيدار پنهنجي پنهنجي حسان سان ڏسڻ لڳا آهن.
عايزا خان تازو هڪ اداڪاري سان لاڳاپيل اسڪول ۾ پنهنجي ڪلاس فيلوز سان تصوير شيئر ڪئي ۽ سکڻ جي جذبي کي ساراهيندي هڪ ڊگهو جذباتي ڪيپشن لکيو، پر هن جي ادب ۽ شوق جي اظهار کي عوام غير حساسيت ۽ خود پسندي قرار ڏنو.
عايزا خان انسٽاگرام تي لکيو ته ڪنهن مون کان پڇيو ته جڏهن تون اڳ ۾ ئي عايزا خان آهين ته پڙهڻ جو ڪهڙو فائدو؟ مون وراڻيو ته مان پڙهان ٿي ته جيئن پنهنجي ڌيءَ، مداحن ۽ سڄي دنيا جي ڇوڪرين لاءِ رول ماڊل بڻجي سگهان. مان چاهيان ٿي ته اهي ڄاڻن ته عايزا خان هجڻ ئي ڪاميابي جو معيار ناهي، اصل ڪاميابي اها آهي جيڪا اهي پاڻ حاصل ڪن.
سوشل ميڊيا تي عوام مليل جليل ردعمل جو اظهار ڪيو، ڪجهه ماڻهن سخت مايوسي ۽ ناراضگي ظاهر ڪئي.
هڪ واهپيدار لکيو ته ملڪ ڀارت سان جنگ جي صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ هي عورت اداڪاري اسڪول جون تصويرون شيئر ڪري پاڻ کي عظيم ثابت ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي.
ٻئي همراهه تبصرو ڪيو ته مون کي هوءَ تمام گهڻي پسند هئي، پر هاڻ افسوس ٿئي ٿو ته کيس رڳو فالوئرز ۽ لائڪس جي پرواهه آهي، قوم جي نه.
وڌيڪ واهپيدارن چيو ته محبت ۽ عاجزي سکڻ چاهيو ته ماھرا خان يا سجل علي کان سکو، عايزا خان رڳو ڏيکاءُ آهي. تعليم هن عمر ۾ ضروري ناهي جڏهن قوم جي خدمت جو وقت هجي.