سائين فضلﷲ قريشي ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر محمد احسان لغاري جي تازو شايع ٿيل ڪتاب” گريٽر ٿل ڪينال کان سمالر چولستان تائين“ ۾ ٻڌائي ٿو ته ٿل ڪينال 1882 ڪالاباغ ڊيم 1954 کان پنجاب جا ترجيحي منصوبا رهيا آهن ۽ هر پنجاب سرڪار انهن منصوبن لاءِ جهيڙيندي رهي آهي، ارسا ۾ اسانجن نمائندن گذريل 30 سالن کان شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ وس آهر سنڌ جي نمائندگي جو حق ادا ڪندا رهيا آهن، پر ڇاڪاڻ جو اُتي ووٽنگ جو سلسلو آهي، ان ڪري هر دفعي پنجاب، ڪي پي ۽ مرڪزي نمائندا يا بلوچستان جي نمائندي جي حمايت سان اڪثريت سان پنهنجو مقصد حاصل ڪري ويندو آهي، قريشي صاحب وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته نگران حڪومت ۾ ارسا ايڪٽ جو ترميمي بل پيش ٿيو ته جيئن ارسا کي اپاهج ڪري مرڪزي سرڪار کي مضبوط ڪري پنهنجا پنجاب لاءِ من پسند فيصلا ڪرائي سگهن پر احسان لغاري سنڌ گورنمينٽ ۽ سنڌ سول سوسائٽي کي گڏ کڻي انهيءَ ايڪٽ جي ڀرپور مخالفت ڪئي،انهيءَ وقت جي صدر علوي پڻ بل جي منظوري نه ڏني ۽ اختلافي نوٽ ڏنائين،پر سنڌ جي بدقسمتي چئجي جو ملڪ جي سنڌي پيپلزپارٽي جي صدر مملڪت اچڻ شرط نه رڳو ارسا ايڪٽ ۾ ترميم واري مسئلي کي هٿ ۾ کنيو پر ڇهن ڪينالن تي عمل در آمد لاءِ صدارتي حڪم به جاري ڪيو ۽ ان ۾ ٻه منصوبا يعني گريٽر ٿل ڪينال فيز پهريون ۽ ٻيو چولستان ڪينال جهڙا سنڌ لاءِ موتمار منصوبا به شامل هئا، قريشي صاحب جي طرفان نصير ميمڻ کي جس پيش ڪيو ويو آهي، جنهن سول سوسائٽي سان گڏجي انهيءَ سڄي مهم جي سرواڻي ڪئي آهي،پر انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي قوم پرست، ترقي پسند ڌرين، اديبن،وڪيلن ليکڪن، ڊاڪٽرن ۽ سمورن ساڃهه وندن کي ڌرتيءَ جي وسيع تر مفاد ۾ گڏجي جاکوڙ ڪرڻي پوندي، رياستي جبر جي آڏو لوهي ديوار وانگر بيهڻو پوندو،جهڙي طرح پاڻ سڀ ڏسي چڪا آهيون ته رياستي ناڪامي ڪهڙي طرح ٿي چڪي آهي، حڪمران مڪمل طور تي بوکلائجي ويا آهن، انهن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ تبديل ٿي چڪي آهي ڇا اڃان سنڌ خاموش رهندي، ڇا سنڌي قوم ايتري بيحس آهي جو پنهنجي ڌرتيءَ کي برباد ٿيندي ڏسڻ جي باوجود چادر تاڻي سمهي پوندي، سنڌ جي لکين ماڻهن جي سجاڳي جي هاڻوڪي لهر سڀني رياستي ڪارندن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن،محرومين جي آڳ ۾ جلندڙ هن ديس جو هر ماڻهو هاڻي انهن کان پڇي رهيو آهي ته تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين اعلان هزارين مان نه رڳو،ٻٻرلوءِ جي تاريخي احتجاج کان ڪافي ڏينهن اڳ اسان پنجاب جي انهن علائقن کي اکين سان ڏسڻ پئي چاهيو، جتي سنڌ جي سنڌ جي جياپي جا دشمن ڪينال ٺهي رهيا آهن ته جيئن پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن کي پنجاب جي اصلي روپ کان واقف ڪري سگهون، اسان انهن لمحن ۾ پنجاب جي چولستان کي ڏسڻ پئي چاهيو، جڏهن سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ڪينالن جي خلاف تحريڪ عروج تي هئي، اڃان پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ ٻٻرلوءِ جي رد عمل کان واقف نه ٿي هئي،هن ملڪ جي قيام کان وٺي پنهنجي هوڏ تي قائم رياست وٽ عوامي طاقت جو منظر سامهون نه آيو هو، ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي انهن جي انا جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي آهي.
اسان انھيءَ ماحول کان اڳ پنهنجي اکين سان اهو ڏکڻ پنجاب جي ضلعن رحيم يار خان، بهاولپور ۽ بهاول نگر جي حدن ۾ ايندڙ چولستان جو صحرائي علائقو ڏسڻ جي لاءِ پنهنجي باشعور دوستن الهورايو بوزدار، لالا قادر ڀٽو، صدام ملڪ ۽ نور بروهي سان روانا ٿيا هئا سين، رحيم يار خان، ظاهر پير ۽ احمد پور شرقيه کان ٿيندا اسان جي پهرين منزل بهاولپور کان 32 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قائم يزمان منڊي تعلقو هئي ،رياستي واڳ ڌڻين جي طرفان جيتوڻيڪ سرائڪي وسيب جي خلق کي به هو پنهنجو سمجهڻ جي لاءِ تيار ناهن پر اهو محسوس ٿيو ته هي سرائڪي وسيب جا علائقا به ترقي، امن امان ۽ سماجي قدرن جي حساب سان اسان کان اٽڪل هڪ سئو سال اڳتي آهن، صاف سٿرا ڳوٺ، بهترين روڊ رستا، سرڪاري اسڪولن ۽ آفيسن جو بهترين رنگ روغن، لان ۽ گلن سان مهڪندڙ ڏيک، هوٽل ڪلچر جي عذاب کان بلڪل پري هر ماڻهو پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي ۾ مصروف،ڍور ڍڳا واهہ جي ڪنارن سان بي الڪا ٻڌل هئا يا گاهه چري رهيا هئا، سنڌ جي ڀيٽ ۾ هي علائقا ڏاڍا آئيڊيل ۽ سڌريل آهن، ڪنهن به لنڪ روڊ سان يا اهم چوراهن تي ڪو به سپاهي نظر نه آيو جيڪو خدا جي خلق کي آزاريندو هجي، بحرحال اسان يزمان ۾ هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري چوڌري صاحب جي فارم تي رات رهيا سين، جنهن خدمت چاڪري ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏي، سموري رات ڪچهري ڪندي الهورايو بوزدار جي گيت سنگيت تمام وڏو مزو ڏنو،سحري تي لالا قادر ڀٽو ۽ صدام ملڪ طرفان روزو رکيو ويو، باقي اسان دوست ناشتي جي ٽينشن ۾ هئا سين ته ميزبان جي ملازم ٻڌايو ته ناشتو جنهن وقت صبح جو ڪيو ته تيار هوندو،صبح جو ستين ڌاران ناشتو ڪري اسان مروٽ واري رستي سان تياري ڪري چڪا هئا سين ته فارم هائوس تي موجود ڪجهه مقامي همدرد ماڻهن صلاح ڏني ته اهو علائقو هن وقت حساس بڻجي چڪو آهي، تنهنڪري سفر نه ڪيو ته بهتر آهي، پر اسان انهي هنڌ پهچڻ لاءِ پر عزم هئا سين، يزمان کان مروٽ تائين اٽڪل اسي ڪلو ميٽر جي سنگل رستي کي ڊبل ڪيو پئي ويو، رستي سان مسلسل اهڙا اسپاٽ قائم ڪيا پيا وڃن، جيڪي مقامي ماڻهن جي چر پر جي به نگراني ڪري رهيا آهن، اسي ڪلوميٽرن جي سفر ۾ ڪڻڪ جو فصل هزارين نه پر لکين ايڪڙن تي پچي راس ٿي چڪو هئو، حيرت جي ڳالهه اها نظر آئي ته اهو سمورو فصل سولر ٽيڪنالاجي جي ذريعي ٿي رهيو هو، ڪٿي به اسان کي رڪاوٽ ڏسڻي نه پئي،مروٽ پهچي اسان اتر طرف سنگل ڏامر واري روڊ تي انھيءَ هنڌ ڏي چولستان ڏانهن روانا ٿيا سين، جتي تڪراري ڪينالن جي تعمير جي لاءِ تمام وڏي جديد مشينري لٿل هئي، انفرا اسٽرڪچر جو ڪم وڏي تيزي سان هلي رهيو هو، يزمان منڊي ۾ اسان جنهن فارم هائوس تي رهيل هئا سين، اهو ميزبان چوڌري به وڏو زميندار هو، جنهن ٻڌايو ته سليمانڪي هيڊ ورڪس کان چولستان تائين اڍائي ٽي سو مائيلز تي ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي، هن جون تائين انهن کي 220 ارب روپين جي بجيٽ ڏني وئي آهي، جيڪا هر حال ۾ کين استعمال ڪرڻي آهي، 66 لک ايڪڙ زمين انهن ڪينالن جي ذريعي آباد ڪرڻ جي رٿا جوڙي وئي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اها ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ايتري زمين آباد ٿيندي ته ايتري ۽ انهيءَ کان وڌيڪ زمين سرائڪي وسيب ۽ سنڌ جي غير آباد ٿي ويندي، جنهن لاءِ چين ۽ ٻين ملڪن پاران جديد ترين مشينري مُهيا ڪئي وئي آهي، هن صحرائي علائقي ۾ وڏي پيماني تي چرپر ڏسي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي احتجاج جو احساس ٿيو هو ته هڪڙو ئي حل آهي ته سموري سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو جياپي جي هن جنگ ۾ مڙي مٺ ٿين، ٻيو ڪو حل ناهي، هڪڙي ملڪي صدارت، سينيٽ جي چيئرميني، پنجاب ۽ سرحد جي گورنر شپ، بلوچستان ۽ سنڌ جي سموري حڪومت جي عيوضي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ کي برباد ڪرڻ جي لاءِ نه صرف ڇهن ڪينالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي پر سعودي عرب، مصر، ابوظهبي ۽ ٻين ملڪن جي کربين روپين جي سيڙپڪاري سان سگهارن ادارن کي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڏيئي ڇڏي آهي.
اسان جهڙي طرح چولستان واري ماڳ تي پهتا سين جتي پيٽرول پمپ، ايگريوو ۽ ايف ڊبليو او جي نالي سان جديد مشنري جا وڏا ويئر هائوس قائم ڪيا ويا آهن اهڙي طرح عملي طور تي سموري سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جو ڪم به تيزي سان جاري آهي، جيتوڻيڪ ٻٻرلوءِ جي تاريخي ڌرڻي جي ڪري رياستي قوتون بظاهر پنهنجي انا جي هوڏ تان پي پي جي اقتداري ڳٺ جوڙ سبب پوئتي پنهنجي موقف تان هٿ کڻڻ تي مجبور ٿيون آهن پر اهو ممڪن ڪو نه ٿو لڳي ته سليمانڪي هيڊ کان چولستان تائين ٽي سو ميلن جي هن ڪم کي هو اڌ ۾ ڇڏي ڏين، هينئر اهي به خبرون مليون آهن ته سليمانڪي هيڊ طرف ويندڙ رستن ۽ يزمان کان مروٽ ويندڙ رستن تي سخت چوڪسي ڪئي وئي آهي ۽ جهڙي طرح اسان ميڊيا جي ٽيم سان گڏ اکين سان اهي چولستان جا منظر ڏسي آيا آهيون يا انھيءَ هنڌ تي پهچي سڀني پيش ايندڙ خطرن کي منهن ڏيئي رڪارڊنگ ڪري سڄي دنيا کي انهن جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو آهي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سرواڻ سائين زين شاهه به وڏي جفاڪشي سان انهيءَ هنڌ پهچي سنڌ جي وڏي وزير جي سڀني دعوائن کي ڪوڙو ثابت ڪيو آهي پر هاڻي اهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي ته ميڊيا جي ماڻهن يا سنڌ دوست ڌرين جي لاءِ انهيءَ ٻه سئو ڪلوميٽرن جي صحرائي پٽي کي ممنوعا علائقو قرار ڏيئي داخل ٿيڻ جي اجازت به نه ڏني وڃي ۽ ممڪن آهي ته ڳجهه ڳوهه ۾ هو پنهنجو ڪم ڪندا رهن جيئن وفاقي وزير يا پنجاب جا ترجمان جارحاڻو رويو اختيار ڪيون ٿا اچن ۽ هر فورم تي هو چوندا رهن ٿا ته ڪينالن جو مامرو ملتوي ڪيو ويو آهي پر ختم ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي کان پوءِ هڪ طرف رياستي قوتون ڪنهن وڏي احتجاج کي بند ٻڌڻ جي لاءِ ڪنهن وڏي حڪمت عملي ۾ مصروف آهن ته ٻئي طرف سنڌ دوست ڌرين جو حال اهو آهي ته اهي به صرف سياسي دڪانداري چمڪائي رهيون آهن، سنڌ جي جياپي جي هن آخري ويڙهه ۾ ڪا به سنڌ دوست ڌر پنهنجي انا ۽ سياسي دڪان مان هٿ ڪڍڻ جي لاءِ تيار ناهي، سنڌ جي هنن ٻرندڙ اشوز ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف اهم نقطن تي ايم آر ڊي يا اينٽي ڪالا باغ ڊيم موومينٽ ٽائيپ ڪا منظم تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار ناهن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو مستقبل تاريڪ نظر اچي رهيو آهي ۽ سڀني متحرڪ سياسي ڪارڪنن، قوم پرستن، ترقي پسند، سنڌ جي ساڃهه وندن کي هڪ هڪ ڪري ختم ڪرڻ جي سازش شروع ٿي چڪي آهي ۽ جڏهن قومون وقت سر سجاڳ ٿي ناهن سگهنديون ته پوءِ انهن جو حشر فلسطينين ۽ ريڊ انڊين جهڙو ٿيندو آهي ۽ پوءِ انهن جي نسلن کي گڏيل قومن جي ڪا قرارداد ۽ سموري دنيا جي مظلوم ماڻهن جا انهن جي حمايت ۾ ٿيندڙ احتجاج به قومي المين جي ڪرب مان نجات ڏياري ناهن سگهندا ۽ فرانز فينن به واضع نموني پنهنجي مشهور ڪتاب The Wretched of the Earth ۾ لکيو آهي ته ڦورو طبقا ۽ استحصالي قوتون سڀ کان اڳ ۾ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل قومن جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضو ڪندا آهن ۽ بعد ۾ انهن جي ڪلچر،نفسياتي ۽ قومي سڃاڻپ، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي سموري وجود کي برباد جي صليب تي ٽنگي ڇڏيندا آهن ۽ سنڌي قوم اهڙي بربادي طرف تيزي سان وڌي رهي آهي، پر اسان ايٽم بم کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال سامهون ڏسڻ جي باوجود ڪا منظم، موثر ۽ پائيدار حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ قطعي طور تيار ناهيون، صرف سکڻ نعرن، سوشل ميڊيا جي استعمال ۽ نفرتن جا پهاڙ اوچا ڪرڻ سان قومون پنهنجا وجود بچائي ناهن سگهنديون،پارٽين جي ڌار ديڳڙي هيرو ازم جو وقتي طور تعارف ڪرائڻ ۾ ته ڪامياب ٿي وڃي ٿي، پر جڏهن ڌرتيءَ جي تعارف کي ئي اڻ جهل آڳ جو سيڪ وڪوڙي وڃي ته اسان جي هيرو ازم جا تعارف ڪهڙي ڪم جا رهندا،تنهنڪري هاڻي وقت سر سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي جيئن اوچتو ڪو طوفان اسانجي وجود کي پاڙان پٽي ڪري تباهي نه ڪري سگهي.