ساجد ۽ نعمان جو بِلو ڪري ڇڏيو آهي: مارڪرم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان ايڊن مارڪرم چيو آهي ته اسان ڄاڻون ٿا نعمان علي ۽ ساجد خان پنڊي ۾ به اسان لاءِ چيلينج هوندا، انهن کي کيڏڻ جو پلان ٺاهي ورتو آهي.
راولپنڊي ۾ ٻي ٽيسٽ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي مارڪرم چيو ته نعمان ۽ ساجد جي حوالي سان ٽيم ميٽنگ ۾ گفتگو ٿي آهي، انهن کي کيڏڻ جو پلان ٺاهيو آهي، هتي ڀرپور ٽريننگ ڪئي آهي، اسان لاءِ ضروري آهي ته واپسي ڪندي سيريز برابر ڪيون.
هن چيو ته اسان پچ جو معائنو ڪيو آهي، هن ڪنڊيشن ۾ کيڏڻ سدائين چيلينجنگ هوندو آهي پر سمورا رانديگر بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرجوش آهن، اميد ته شوقينن کي سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.