ڪڻڪ پاليسي منظور، اگهه 3500 رپيا مڻ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ڪڻڪ پاليسي 26-2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت هارين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ 3500 رپيا في مڻ جي حساب سان وڏو اسٽاڪ خريد ڪيو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪڻڪ پاليسي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جا وڏا وزير، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جو نمائندو، ڄمون ڪشمير جو وزيراعظم ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊر شريڪ ٿيا.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي معيشت آهي ۽ ڪڻڪ جو فصل وڏي اهميت رکي ٿو، اها نه رڳو ماڻهن جي بنيادي خوراڪ پر هارين لاءِ به آمدني جو وڏو ذريعو آهي.
هن چيو ته حڪومت هارين جي مسئلن کان واقف آهي، انهن کي رليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، صوبائي حڪومتن، آبادگار تنظيمن، صنعتڪارن سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ پاليسي جو اعلان ڪري رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته اها پاليسي زرعي ترقي کي هٿي ڏيندي، هارين جي آمدني ۾ واڌ ٿيندي ۽ اها پاليسي پاڪستاني عوام جي غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي.
اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪڻڪ جي فصل مان اٽڪل 6.2 ملين ٽن جا اسٽريٽجڪ ذخيرا حاصل ڪنديون ۽ خريداري 3500 رپيا في مڻ، ڪڻڪ جي عالمي درآمدي قيمت موجب ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.