پاڪ ھند تڪرار کانپوءِ اڳتي جو رستو ڪھڙو آھي ؟

تحرير; امتياز عالم

آمريڪا ۽ ٻين طاقتن جي ٽياڪڙي سان طئي ٿيل جنگبندي امڪاني طور تي پاڪ ھند جي پنجين وڏي جنگ کي روڪي ڇڏيو،جيڪا ڪجهھ دھشتگردن جي احمقاڻي چڙ ڏيارڻ جي نتيجي ۾ مٿان اچي ڪڙڪي ھئي.خوشقسمتي سان ٻنھي پاسن کان تڪرار جي وڌڻ جو خوف ايترو شديد ھو جو غيرملڪي ٽياڪڙن ايٽمي ھٿيارن سان ليس ٻنھي ڌرين کي تباھي آڻيندڙ جنگ جي ڪناري کان پوئتي ھٽڻ تي راضي ڪيو.

ڏکڻ ايشيا ۾ ٻن ايٽمي طاقتن جي اڀرڻ کان وٺي تاحال نيوڪليئر ڊٽرينس يا روڪ ڪنھن حد تائين ڪارگر رھي،سواءِ ڪارگل جي محدود جنگ يا 2019 جي بالا ڪوٽ واري اسٽرائيڪ جي،جيڪا الٽو پاڪستان ۽ ھندستان کي ڳچي ۾ پئجي ويون.پر جڏھن کان اٽيمي ھٿيار ھٿ ۾ آيا آھن.تڏھن کان حادثاتي يا وڌندڙ ايٽمي ٽڪراءَ جو خطرو ھن خطي جي مستقبل تي لامارا ڏئي رھيو آھي.جتي جا ماڻھو اجتماعي موت جي جھڙن دل ڏاريندڙ نتيجن کان بنھه بي خبر نظر اچن ٿا. ڇهن سالن جي ڊگھي وقفي بعد ھڪ ڀيرو وري گمنام دھشتگردن يا خطي جي بدنام سرڪش شدت پسندن ھندستان ۽ پاڪستان کي ھڪ غيرمتوقع جنگ جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو.ھندوقومپرستي جي لھر تي سوار وزيراعظم مودي پھلگام جي ويجھو بي گناھ سياحن جي بيرحماڻي قتل جي واقعي کي فرقھ واراڻو رنگ ڏئي ڪري ھڪ ڀيرو ٻيھر جنگي جون کي ڀڙڪايو،جنھن کي جنگي ميڊيا بي قابو ڪري ڇڏيو.سويلين قيادت ان بار کي پنھنجي دٻيل فوجي ادارن تي وجھي ڇڏيو. جڏھن تھ پاڪستان ۾ بھ ھڪ جزبات سان ڀرپور غالب فوجي قيادت ھندستان جي جارحيت واري ،سندور( بيواھن جي مڙسن جي خون جو استعارو ) جي جواب ۾قرآني آيت”بنيان مرصوص،يعني رُڪَ جي ڀت“ جو جنگ نامو اختيار ڪيو.

مودي سرڪار جو بالاڪوٽ جھڙي ڪارروائي ورجائي ڪري جنگي جنونين جي توقعات تي پورو نھ لھي يا بالاڪوٽ جي مھم کان خطرناڪ حد تائين اڳيان وڌي ڪري جنگ وڌائي ڇڏي.پاڪستان جي بھتر ٿيندڙ ميزائلي فضا ۽ سائبروار فيئر کان علاوھ چين جي مدد سان وڌندڙ ٽيڪنالوجيڪل ترقي کي نظرانداز ڪندي ھندستان،پاڪستان ۾ دھشتگردي جي مبينا مرڪزن تي فضائي حملا ڪيا،جيڪي جنگ جو پيش خيمو بڻجي ويا.دھشگرد ڪٿي بھ ٽڪيل نھ رھندا آھن.اھي ھيڏانھن ھوڏانھن پکڙجي ويندا آھن.انھن مان اڪثر پنھنجي بندوقن جو رخ پنھنجي پراڻن آقائن ڏانھن موڙي چڪا آھن. ان ھوندي، پاڪستان کي ماضي جي مبينا گناھن جي سزا ڏني پئي وڃي.ھاڻي پاڪستان کي وڏو خطرو انھن دھشگردن مان آھي،جن کي نوان آقا ملي ويا آھن.جيڪو پوکيو ھو ، اھو ئيُُ لڻڻو پوندو..فنائنشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي شرطن تحت اھڙا شڪي مرڪز بند ڪيا ويا آھن.

ڇھھ کان ست مئي وچ واري رات اھڙو موڙ ثابت ٿي،جڏھن ٻنھي ملڪن جي ھوائي فوج آمھون سامھون اچي وئي.فرانس جو فخر رافيل جيٽ تي ڀاڙيندڙ ھندستان ھوائي فوج کي مھانگو پئجي ويو.چين جي ٺاھيل جي ايف 17 فوجي جھاز ، پي 16 سان ليس ٿي ڪري ڪجھ وڌيڪ تباھ آڻيندڙ ثابت ٿيا.فضائي ويڙهه ۾ مبينا طور تي ھندستاني ھوائي فوج جا چار جھاز تباھ ٿيا،اھا جيت پاڪستان ائير فورس جي نالي ٿي، اھو ئي اھو فضائي معرڪو ھو، جنھن آمريڪا ۽ سعودي عرب کي جنگبندي جي لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ تي مجبور ڪيو. پر ٻنھي پاسن بدلي جي باھ اڃان ٿڌي نھ ٿي ھئي.ان کانپوءِ ھندستان طرفان ڊرون حملا، ايتري حد تائين جو  راولپنڊي جي ويجھو نوس خان ائيربيس تائين جڏھن يلغار پھتي تھ پاڪستان جي جوابي ميزائلن جي برسات جنگ جي دائري کي وسيع ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ اھي سرحدي جنگ جھڙپون مڪمل جنگ جي ويجھو پھچي چڪيون ھيون.

بھرحال غريقيني ۽ خطرناڪ جنگي ماحول ڳالهين جو موقعو پيدا ڪيو،آمريڪي پرڏيھي وزير روبيو ۽ سعودي نائب وزيراعظم عادل الجيري جي ٽياڪڙي موثر ثابت ٿي.صدر ٽرمپ جنگ بندي جو اعلان ڪيو،جيتوڻيڪ ھندستان کي ٽين قوت جي مداخلت ڪڏھن بھ سٺي نھ لڳي ھئي.پوءِ بھ ٻنھي ملڪن جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز جي رابطن امن جون دريون کولي ڇڏيون.جنگبندي جو اعلان واشنگٽن مان ڪيو ويو.جيڪو ھندستان ۾ بحث جو سبب بڻيو تھ آيا مودي سرڪار ھندستان جي پراڻي اصول تھ ٽين ڌر کي پاڪ ھند ٻھ طرفي معاملن ۾ مداخلت قبول ناھي، کي ٽوڙي ڇڏيو آھي.ان سڄي ڇڪتاڻ مان سکڻ جي ڳالھھ ھي آھي تھ ڪجھھ ڀڳوڙا شدت پسند پنھنجي ڪنھن بھ مقصدن لاءِ يا وري مسواڙي گوريلا ٻنھي ملڪن کي جنگ جي باھ ۾ ڌڪي سگھن ٿا.تنھنڪري ٻنھي کي ھر قسم جي دھشتگردي جي خلاف گڏجي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو.خطي ۾ امن جي قيام ۽ پراڪسي وار کان پاسو ڪرڻ ٻنھي ملڪن جي اولين ترجيح ھئڻ گھرجي.

سن زو ، جو قول پاڪستان ۽ ھندستان جي حڪمت ڪارن کي ضرور ياد رکڻ گھرجي ؛؟ جيڪڏھن تون دشمن کي ۽ پاڻ کي سڃاڻين ٿو تھ سئو جنگين ۾ بھ شڪست جو ڊپ ناھي.جيڪڏھن تون پاڻ کي سڃاڻين ٿو پر دشمن کي نٿو سڃاڻين تھ ھر کٽيل جنگ جو ھڪ نقصان ٿيندو.پر جيڪڏھن تون دشمن کي نھ وري پاڻ کي سڃاڻين ٿو تھ ھر جنگ ۾ شڪست تنھنجو مقدر ھوندي“.شايد پاڪستان ۽ ھندستان ٻئي ئي چين جي عظيم حڪمت ڪار سن زو، جي بيان ڪيل ڪمزورين جو شڪار ٿيا. ٻنھي ملڪن جي ميڊيا،خاص ڪري ھندستاني ميڊيا حدون پار ڪري وئي، وي وائر جھڙن ھوشمند ادارن ۽ امن پسند آوازن کي دٻائڻ مذمت جوڳو عمل آھي.جنگ جي حالتن ۾ آزاد راءِ ۽ سچ تائين رسائي اڃان بھ وڌي ويندي آھي.نفرت پکيڙيندڙ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل معلوماتي جنگ ھلائيندڙ شرم لائق آھن.

اصل سوال ھي آھي تھ جنگ بندي ڪيستائين جاري رھندي ؟ ڇا ٻئي ملڪ معنيٰ ڀريون ڳالھيون شروع ڪندا ؟ ھاڻي وقت آھي اعتماد سازي جي لاءِ قدم کنيا وڃن : سفارتي لاڳاپن جي بحالي، ايل او سي ۽ سمورين سرحدن تي پرامن،پاڻي جي وھڪري جي اطلاع جي بحالي ۽ عوامي رابطا بحال ڪيا وڃن.

پاڪ ھند ڳالھيون غيرمشروط، گھڻ رخيون،بنا تعلطل جي ھئڻ گھرجن،ٻئي ملڪ ماضي جي طئي ڪيل معاھدن تي عمل درآمد ڪن ۽ اتان کان سلسلو جوڙين جتي آخري ڀيرو ڳالھھ ڇڏي وئي ھئي.ڪيترائي ئي مسئلا جيڪي اڳي ئي حل ڪيا ويا ھئا، ھڪ قلم جي جنبش سان طئي ٿي سگھن ٿا.باقي ھڪ ٻئي کي سمجھڻ سمجھائڻ ۽ عمليت پسندي سان طئي ڪيا وڃن.سڀ کان وڌيڪ ھندستان ۽ پاڪستان کي ھڪ ٻئي جي قومي حيثيت کي تسليم ڪرڻو پوندو ۽ دشمني جو خاتمو ڪرڻو پوندو. ڇو نھ ھن نفرت ڀرئي رشتي کي محبت ۽ ڀائي چاري ۾ بدلايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.