سنڌين جا ٿورائتا ناهيون،پنهنجي حصي جو پاڪستان ساڻ کڻي آياهئاسين:آفاق احمد

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) مهاجر قومي موومينٽ جي سربراهه آفاق احمد جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ ترين سياسي پارٽي آهي، اڄ به اقتدار ۾ آهي، ته پوءِ منهنجو شڪايت ڪرڻ جو حق ٿو ٺهي. جڏهن اوهان وٽ اها طاقت هئي ته جنهن کي چاهيو، اسمبلي ۾ پهچايو ۽ جنهن کي چاهيو، روڪي ڇڏيو، ته پوءِ اڄ اهڙي ڪرپٽ سياسي پارٽي اسان جي مٿان ڇو مڙهيل آهي؟هن چيو ته ڳوٺ آباد اسڪيم سرڪاري سرپرستيءَ ۾ هلائي وڃي ٿي، جتي جتي اهي چاهين ٿا، قبضا ڪري ڳوٺ آباد ڪري ڇڏين ٿا هي شهر لاوارثن وانگر لٽيو پيو وڃي. هي جانورن جو معاشرو بڻجي ويو آهي، جتي دليلن جي ڪا اهميت ناهي، طاقت ئي سڀ ڪجهه آهي. هن چيو ته اسين سنڌين جا احسان مند ناهيون ته انهن جي زمين تي آيا هئاسين، مان پنهنجو حصي جو پاڪستان ساڻ کڻي آيو هوس،پاڪستان ڪنهن سنڌي،پنجابي،پختون يا بلوچ سرزمين تي نه منهنجي 20 لک ابن ڏاڏن جي قرباني سان بڻيو هو،هتي رهندڙن کي مون اچي پاڪستاني بڻايو آهي،هن چيو ته مهاجر قوم ڪڏهن ڪنهن جي غلامي قبول ناهي ڪئي،اها حاڪمن ۽ مارشلائن جي اولاد آهي،هن چيو ته ايس بي سي اي جا ماڻهو لاڙڪاڻو ۽ دادو مان آڻي هتي رکيا وڃن ٿا ته جيئن اهي هتي ڪمائن جيڪڏهن مان پنهنجي ضرورت موجب پنهنجو گهر وڌايان ٿو ته جيڪو به روڪڻ اچي، ان کي جوتا هڻي ڀڄايو،ون چيو هو ته ‘ڪراچي صوبو’ وارو نعرو پنجابي اشرافيه جو نعرو آهي، اسان جو ان سان ڪو واسطو ناهي۔ مان پنهنجي قوم ۽ ان جي ورثي کي ورهائڻ نه ڏيندس، هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته “افغان بستي جيڪا خالي ڪرائي وئي آهي، ان کي لينڊ گريبرز حوالي ڪرڻ بدران هائيڊ پارڪ جي طرز تي هڪ وڏو پارڪ بڻايو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.