ڪراچي (اڪمل سومرو) ڀارت طرفان 2035 تائين آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جي شعبي مان 1 کرب 70 ارب ڊالر سالياني آمدني جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. گوگل ڀارت ۾ 15 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري سان وڏو ڊيٽا سينٽر قائم ڪري رهيو آهي، جيڪو دنيا جي 12 وڏن AI سينٽرن مان هڪ هوندو. هن وقت ڀارت جي AI ايڪو سسٽم ۾ 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي پاڪستان مسلسل آءِ ايم ايف کان قرض وٺي رهيو آهي، جنهن جي بدلي ۾ داخلي پاليسين سميت قانونسازي به آءِ ايم ايف جي شرطن تي ڪئي پئي وڃي. پاڪستان حڪومت ڪجهه AI منصوبا ته شروع ڪيا آهن، پر انهن لاءِ رکيل فنڊ محدود آهن، جيڪي عالمي سطح جي ضرورتن لاءِ ڪافي ناهن. جيڪڏهن پاڪستان کي ترقي ڪرڻي آهي ته جديد ٽيڪنالاجي، خاص طور تي AI، ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ۽ ايڪو سسٽم جي تعمير ضروري آهي، ٻي صورت ۾ ملڪ ماضي وانگر ترقي جي ريل مان رهجي ويندو.