هر سال وانگر هن سال به هي مئي جو مهينو ذهني صحت جي حوالي سان جاڳرتا جي مهم واري مهيني طور ملهايو پيو وڃي. نفسياتي مطالعي ۾ خيالن ۾ گم رهندڙن يا حد کان وڌيڪ سوچيندڙن جي به هڪ دلچسپ دنيا ٿيندي آهي. سوچڻ ۽ غور ڪرڻ هر ذي شعور جي جبلت آهي، پر ڪنهن به ڳالهه تي حد کان وڌيڪ سوچڻ (توڙي اها خوشي هجي يا غم) انسان کي نفسياتي الجھنن جو شڪار بڻائي ڇڏي ٿو. انگريزيءَ ۾ پهاڪو آهي ته:
Over Thinking Kills
(گھڻو سوچڻ جان ليوا هوندو آهي)
اهو انڪري به سچ آهي ته زندگي مسئلن جو مجموعو آهي ۽ ان جو صحيح لطف تڏهن ئي ماڻي سگھجي ٿو، جڏهن گھڻو پريشان ڪندڙ شين کي نظرانداز ڪجي. خاص ڪري اهي مسئلا، جن جو حل ممڪن نه هجي، انهن تي رڳو سوچڻ ۽ مسلسل سوچڻ سان ذهن مونجھاري جو شڪار ئي رهي ٿو. جيئن سقراط چيو ته ”ڏاهپ اها ناهي ته ڪٿي ڳالهائڻو آهي، بلڪه ڏاهپ اها آهي ته ماٺ ڪٿي رهڻو آهي.“ ان ئي طرح سان اهو به سچ آهي ته ذهني سڪون ان ۾ ناهي ته ڇا تي سوچڻو آهي، بلڪه ايڪانت جو دڳ ان ۾ ئي آهي ته وسارڻو ڇا ڇا آهي ۽ ڇا ڇا نظرانداز ڪرڻو آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن پريشانين کي نظرانداز ڪرڻ جو طريقو سکي ورتو، ان ڄڻ ته جيئڻ جو گُر سکي ورتو. يا پريشانين کي حل ڪجي. جي انهن کي حل ڪرڻ ممڪن نه هجي ته پوءِ نظر انداز ڪجي. ڇاڪاڻ ته انهن کي سوچي من ولوڙڻ سان اهي دُور ڪونه ٿينديون.
اڄ اسان مختصر ذڪر ڪريون پيا گھڻو سوچڻ وارن (Over Thinkers) جي ڪجھه عادتن جو، جن مان اڪثر سندن خوبيون آهن، پر اهي سندن صلاحتين جو مظهر هجڻ جي باوجود انهن جي جان جو وبال بڻجن ٿيون ۽ کين ڳچيءَ ۾ پون ٿيون. جيئن چيو ويندو آهي ته هر ڏاهي ماڻهوءَ جي ڪا نه ڪا خامي سندس ذات جو الميو هوندي آهي، تيئن گھڻو سوچڻ وارن جي هيٺين خوبين مان اڪثر پڻ گھڻو ڪري انهن لاءِ نفسياتي طور انتهائي هاڃيڪار هونديون آهن.
1 ــ مسلسل سوچ جي گردش: گھڻو سوچڻ وارن جي دماغ ۾ خيالن جو سلسلو ڪڏهن به نٿو رڪجي. اهو ڪنهن ڪُنَ (ڀنور) يا مانڌاڻيءَ وانگر سدائين ڦرندو رهي ٿو ۽ منجھن نوان فڪر ۽ کُٽڪا پيدا ڪندو رهي ٿو. ان کي روڪڻ انهن مان اڪثريت جي وس کان ٻاهر هوندو آهي.
2 ــ لڪل مطلب ڳولڻ جا ماهر: گھڻو سوچڻ وارا ماڻهو پنهنجي شڪ جي عادت سبب ڳالهين جا ڳُجھا ۽ غير ممڪن مطلب ڳولڻ جا ماهر هوندا آهن. انهن جو دماغ هڪ جاسوس وانگر ڪم ڪندو رهندو آهي ۽ ڳالهين جا اهڙا زاويا به ڳولي ڪڍندو آهي، جيڪي عام ماڻهن جي نظر کان اوجهل هوندا آهن. انهن مان ڪي ڪي زاويا ته غيرفطري ۽ ناممڪن به هوندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ڪنهن جي ڪن ادا ڪيل لفظن جا اهڙا مفهوم به ڪڍي وٺندا آهن، جيڪي چوڻ وقت چوڻ واري جي وهم گمان ۾ به ناهن هوندا. ان صورت ۾ اها سوچ منفي انداز ۾ خطرناڪ هوندي آهي.
3 ــ ”جيڪڏهن هيئن ٿئي“ واري منظرنامي جا ماهر: گھڻو سوچڻ وارا ماڻهو پنهنجي دماغ ۾ مختلف منظرناما تخليق ڪندا آهن، جهڙوڪ: جيڪڏهن هيئن ٿئي ته ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن هونئن ٿئي ته ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ انهن جو دماغ ڪنهن ”ٽائيم مشين“ وانگر ڪم ڪندو آهي. هو هر ممڪن توڙي ناممڪن صورتحال کي تصوّر ڪرڻ جي اعليٰ صلاحيت رکندا آهن.
4 ــ ڪمال پسندي ۽ اندروني جدوجهد: گھڻو سوچڻ وارا ماڻهو سدائين ڪم جي معيار بابت اندروني جنگ ۾ مبتلا رهندا آهن. انهن کي هر شئي بي عيب (پرفيڪٽ) درڪار هوندي آهي، پر ساڳئي وقت انهن مان (سڀني ۾ نه، پر) گھڻن ۾ همت جي کوٽ به هوندي آهي، جنهن سبب اهي شين جي اعليٰ معيار جِي سڌَ ۽ اندروني ڪشمڪش ۾ ڦاٿل رهندا آهن.
5 ــ منفي سوچ ۽ اڳواٽ تياري: گھڻو سوچڻ وارا ماڻهو ڪنهن به شئي جي حوالي سان سڀ کان خراب امڪانن بابت سوچيندا آهن. انهن کي انهن جي ناڪاري يا منفي سوچ چئجي يا خراب حالتن لاءِ سندن اڳواٽ تياري، پر اهي ڪنهن کي به صحيح نموني ٻڌائي سگهندا آهن ته ڪنهن به صورتحال ۾ ڇا خراب ٿي سگهي ٿو ۽ ڪيتري حد تائين خراب ٿي سگهي ٿو. سندن سوچ جي ان زاويي جو هاڪاري پهلو اهو آهي ته ان خراب ترين صورتحال جي پيش اچڻ کان اڳ ڏسي وٺڻ جي صلاحيت سبب هو ان جا حل به سوچي وٺندا آهن ۽ جيڪڏهن چاهن ته انهن حلن سان سلهاڙيل عوامل ۽ وسيلن کي حادثي پيش اچڻ کان اڳ تيار به رکندا آهن، جنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن کين مصيبت سان منهن ڏيڻ ۾ انهن ماڻهن کان گھٽ وقت لڳندو آهي، جن هميشه سٺو سٺو ئي سوچيو هوندو آهي ۽ بري صورتحال جي تياري نه ڪئي هوندي آهي.
6 ــ مسئلن جي حل لاءِ قدرتي صلاحيت: گھڻو سوچڻ وارن ماڻهن ۾ مسئلن جي حل ڳولڻ جي قدرتي صلاحيت موجود هوندي آهي، ڇو ته اهي ڪنهن به مسئلي جو هر ڪنڊ کان تجزيو ڪندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي پنهنجي ان ئي صلاحيت سبب ڪو منطقي فيصلو نه ڪري سگهندا آهن ۽ صورتحال جي وچ ۾ لڙڪيل رهندا آهن.
7 ــ ماضيءَ جي ڳالهين جِي من ۾ ولوڙَ ۽ انهن جو تجزيو: گھڻو سوچڻ وارا ماڻهو ماضيءَ جي ڳالهين جو تجزيو ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن. جيڪي ڳالهيون ساڻن وهي واپرجي چڪيون هونديون آهن، انهن جي هر تفصيل بابت، هر لفظ ۽ لهجي تي سوچيندا آهن ۽ انهن جا نوان نوان مطلب ڳوليندا رهندا آهن. جنهنڪري جتي خوشگوار ڳالهين کي ذهن ۾ ورجائڻ کين سڪون ۽ خوشي ڏيندو آهي، اتي ئي ناگوار ڳالهين کي وري وري سوچڻ سندن تڪليف جو باعث پڻ بڻبو آهي.
8 ــ پڇتاءَ جي پيڙا: پڇتاءَ، اڪثر گھڻو سوچڻ وارن ماڻهن جو ساٿ ناهن ڇڏيندا. ڇو ته اهڙا ماڻهو پنهنجي ماضيءَ ۾ بار بار وڃڻ جو شوق رکندا آهن. اهي هميشه سوچيندا رهندا آهن ته جيڪڏهن فلاڻي صورتحال ۾ هيئن ڪريان ها، هيئن چوان ها ته بهتر هو. فلاڻي صورتحال ۾ فلاڻي کي سندس ڳالهه جو فلاڻو جواب ڇو نه ڏنم وغيره. شايد اهڙن ماڻهن لاءِ ئي هي پهاڪو ٺهيو آهي ته: ”ويڙهه کانپوءِ جيڪو ٺؤنشو ياد اچي، اهو پنهنجي منهن تي هڻي ڇڏڻ گھرجي.“
گھڻو سوچيندڙ ماڻهو شيون وساري اڳتي وڌڻ جو هنر گھٽ ڄاڻندا آهن. هٿ جي پنجن ئي آڱرين وانگر گھڻو سوچيندڙ سڀ ماڻهو به ايئن ناهن هوندا، پر تنهن جي باوجود به انهن جي اڪثريت پڇتاءَ جي پولارن ۾ گم رهڻ وارن جي هوندي آهي.
9 ــ ٻين جو احساس: گھڻو سوچڻ وارن ماڻهن جي شايد وڏي ۾ وڏي خوبي اها هوندي آهي ته اهي ٻين جو گهڻو احساس رکندا آهن؛ ڇو ته اهي هر شئي کي باريڪ بينيءَ سان ڏسندا ۽ سوچيندا آهن، تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن کي انهن جي ڪا ڳالهه سٺي نه لڳي يا ڪنهن سان ڪو مسئلو هجي، ته کين فوري طور تي خبر پئجي ويندي آهي.
10 ــ عمل جي اڻاٺ: اڪثر ڏٺو ويو آهي ته گھڻو سوچيندڙن ۾ عمل جي اڻاٺ هوندي آهي. هو جيترو سوچيندا آهن، ان جي ڪنهن حصي برابر به ڳالهين کي عملي جامو ناهن پارائي سگھندا، جنهنڪري سندن زندگيءَ جا اڪثر خيالَ رڳو خيال ئي رهجي ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهو وڏو ڪائناتي سچ آهي ته سوچَ، لوچَ بنان ايئن اجائي آهي، جيئن لوچَ، سوچَ بنان.
مٿين نشانين منجھان ڪي يا سموريون جيڪڏهن اوهان ۾ يا اوهان جي ڪنهن سڄڻ ۾ موجود آهن، ته اهي لاعلاج هرگز ناهن. انهن جي ادراڪ سان ئي انهن مان جان ڇڏائڻ جو دڳ تلاش ڪري سگھجي ٿو. جنهن جي متعدد طريقن منجھان هڪ بنيادي طريقو اهو آهي ته سوچجي ضرور، پر هڪ حد اندر. ڪنهن به خيال کي من جِي ولوڙَ جو باعث بڻائي پنهنجي زندگي عذاب نه ڪجي! ٿوري شعوري ڪوشش سان ان مان جان ڇڏائي پنهنجي لاءِ آسانيون پيدا ڪري سگھجن ٿيون.