اسلام آباد(امتياز گل) سينئر تجزئي نگار جاويد حسن چيو آھي تھ آمريڪي مداخلت کان سواءِ پاڪ _ ڀارت ڇڪتاڻ جو خاتمو ممڪن نھ ھيو بلڪھ وڌندي وڌندي اھو نيوڪليئر ھٿيارن جي استعمال تائين پھچي وڃي ھا.آمريڪا ۾ شروع وارن ڏينھن ۾ ڪا ڳڻتي جھڙي سوچ نھ ھئي ايستائين جو انڊيا طرفان جڏھن سوين ڊرون پاڪستاني حدن ۾ موڪليا ويا تڏھن بھ ھتي ڪا اھڙي سوچ نھ ھئي. ايتري تائين جو اسٽيٽ ڊپارٽمينٽوارن کي بھ جھڙوڪر ڪا پرواھھ نھ ھئي. منھنجي ذاتي سوچ اھا آھي تھ جيستائين انڊيا پاڪستان مٿان حاوي ھيو ۽ ان کي سوڀ ملڻ جوامڪان ھيو تھ ھو ٺيڪ ھئا.جڏھن پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو اھو بھ ايئرفورس وسيلي تھ ھنن کي تڏھن احساس ٿيو. اگر نڪ رابرٽسن جي ڳالھھ مڃيون تھ پوءِ وڃي آمريڪا مداخلت ڪئي آھي،ھن ڀيري انڊيا جي سفارتڪاري ڪمزور ھئي. انھن جو ڪيس به ڪمزور ھيو. اھا پاڪستاني دعويٰ تھ فالس فليگ آپريشن ھيو ان جا بھ ثبوت ڏکيا آھن. ٽئين ملڪ اندر ھنن ٻنھي ملڪن جي عملدارن جي ملاقات بابت في الحال ڪا خبر ناھي. ھن سموري معاملي ۾ اصل سوڀ چين جي ٿي آھي. رافيل جي ڪرڻ سان يورپ کي ڌچڪو لڳو تھ چين فوجي لحاظ کان ڪيترو مٿي اڀري آيو آھي. پاڪستان جي ٿنڪ ٽينڪ کي بھ سوچڻ گھرجي تھ اسان ھميشھ آمريڪي ھٿيارن ڏانھن ڏٺو آھي پر اصل مدد ھتي چين جي رھي آھي. يورپ جي جيڪا بھترين جديد ترين ٽيڪنالاجي ھئي رافيل ان کي چين جي ٽيڪنالاجي جنھن کي ھو ڪمتر سمجھندا ان ھٿان شڪسست آئي آھي.