ٽرمپ ڪشمير مسئلو حل ڪري ٿو ته اها وڏي ڪاميابي هوندي: شيري رحمان

اسلام آباد(م ڊ) پ پ جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته اها تمام وڏي وراثت هوندي، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ "ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ سڀني ڌرين کي ميز تي آڻڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو هموار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته اها واقعي انهن لاءِ ۽ سڀني لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي هوندي، هن ڪشمير جي حل لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ٽرمپ جي آڇ جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪشمير گڏيل قومن ۾ به هڪ تصفيه طلب معاملو آهي، هن مسئلي جو حل ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جو پراڻو مطالبو آهي، جيڪو مستقل امن جي ڪنجي آهي ۽ ماڻهن جو هڪ پراڻو خواب رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.