ڪنھن به ڪوڙي دلاسي ۾ نه اينداسين،درياهه ۽ ڌرتي لاءِ ڊگهي جدوجهد جي ضرورت آهي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  سنڌو درياھ تي ڌاڙي جي ڊگھي تاريخ آھي، درياھ ۽ زمينون بچائڻ لاءِ مستقل ڊگھي جدوجھد جي ضرورت آھي. سنڌ دشمن ڪئنال منصوبن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجھد ۾ ٿڪجنداسين ڪونه، پاڻ ھٽنداسين ڪونه ۽ پاڻ ويھنداسين ڪونه، پاڻ لڳا اينداسين، لڳا اينداسين، لڳا اينداسين، تيسين، جيسين يا پنڌ کُٽي يا ڪاري رات کُٽي. اياز لطيف پليجي چيو ته پاڻ گذريل 9 مھينن کان شروع ڪيل قومي مزاحمتي جدوجھد کي جاري رکندي 16 مئي تي ڪوٽڙي، 18 مئي تي گولاڙچي ۽ 23 مئي تي مورو ۾ غير قانوني ۽ غير آئيني ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف وڏيون احتجاجي ريليون جاري رکنداسين،هن چيو ته پراڻا ٺھيل لنڪ ڪينال تونسه پنجند، چشمه جھلم ۽ گريٽر ٿل غيرقانوني طور سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي لڳاتار وھن پيا، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سڄي سنڌ ۾ زمينون مسلسل ڏجن پيون ۽ سنڌ مستقل طور سڪائي، تباھ ۽ برباد ٿئي پئي پر ڪجھ ڏينھن اڳ سڀني منھنجي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي قومي ۽ سياسي مزاحمتي لائين کي ۽ ڳوٺ ڳوٺ، شھر شھر ۾ لڳاتار جدوجھد جاري رکڻ جي موقف کي رد ڪري ۽ منھنجي سخت مخالفت ڪري چيو ھو ته ھاڻ آخري سوڀ ملي چُڪي آھي، ھن عظيم الشان فتح جون قوم کي مبارڪون، پاڻ ڪامياب ٿي وياسين، مسئلو ھميشه لاءِ حل ٿي ويو، ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ دفن ٿي ويا، ھاڻ احتجاجن، مزاحمتن، ريلين ۽ جلسن جي ضرورت ناھي، ھاڻ درياءُ ۽ زمينون واپس ٿينديون، بھرحال ان وقت جيڪي سنڌ واسي مطمئن، پُراميد ۽ خوش ٿيا ھئا يا جيڪي اڃا به مبارڪون ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ مصروف آھن، اھي به اسان جا پنھنجا آھن، اھي به سدا خوش، مطمئن ۽ آباد رھن،هن چيو ته اسين سنڌو درياھ ۽ زمينن لاءِ توڙ تائين جدوجھد جاري رکنداسين. ڪنھن به ڪوڙي دلاسي ۽ دوکي ۾ نه اينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.