لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) ڌاڙيل پوليس آپريشن روڪرائڻ لاءِ چڪ لڳ ڳوٺ تي ڪاھ ڪري ملڪ برادري جي 7 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، ڌاريلن گذريل رات دير سان بچل ڀيو ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ سکيو ملڪ تي ڪاھ ڪري ڇتي فائرنگ ڪرڻ بعد ملڪ برادري جي 7 ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ڏانهن کڻي ويا، جن ۾ عزيز، نور محمد، فرمان، شفيع محمد، احسان، عبدالمجيد ۽ 4 سالن جو معصوم سلمان شامل آهن، ويا، ڌاڙيلن مغوين جي وارثن کي نياپو ڏنو آهي ته اهي مغوين جي بازيابي لاءِ اسان ڏانهن قرآن پاڪ کڻي اچڻ بدران ايس ايس پي شڪارپور ڏانهن کڻي وڃن ته جيئن ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف هلندڙ آپريشن ۽ ڊرون حملا بند ڪيا وڃن، ڳوٺ سکيو ملڪ مان 7 ڄڻن کي اغوا ڪرڻ جي اطلاع تي ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جي اڳواڻي شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي پوليس اي پي سي چين ذريعي ڪچي واري علائقي پهچي ڏوهارين جو گهيرو ڪيو، ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن پنهنجي ڪاميابي تائين بند نه ڪيو ويندو، چڪ جي ڪچي واري علائقي مان ڏوهارين جو خاتمو آڻي امن امان بحال ڪيو ويندو، ٻي پاسي ڌاڙيلن مغوين جي وڊيو وائرل ڪري مغوين کان ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪرائي وئي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن بند ڪري کين بازياب ڪرايو وڃي، مغوين جي گهرن ڪهرام مچي ويو ويو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.