آمريڪي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته ڀارت جنگ بندي چاهي ٿو:اسحاق ڊار

اسلام آباد(م ڊ)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو فونڪري ٻڌايو ته ڀارت سيز فائر ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت سان اسان ڳالھ ٻول ڪئي آهي، توهان به سيز فائر تي راضي ٿي وڃو، مون چيو ته اسان کليل دل سان تيار آهيون، جنهن تي هن وري ڀارت سان ڳالھ ٻول ڪئي ۽ مون کي ٻڌايو. حساس معاملي جي حوالي سان ڊونلڊ ٽرمپ جو مطلب ۽ اشارو نيوڪليئر جنگ طرف هو. اسان نه ڪنهن کان ڊڄنداسين ۽ نه ئي ڪنهن کان دٻجنداسين. اسان کي ڪو به نه ٻڌائي ته هن خطي تي ڪنهن جي اجاره داري آهي،آج نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ڪا شروعات نه ڪئي هئي، دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته اسان جاچ لاءِ تيار آهيون اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ڀارت سموري علائقي تي اجاره داري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اولهه جي ملڪن به چيو ته توهان سچ پيا چئو. اسان چيو ته جڏهن اسان قدم کڻنداسين ته سڀني کي ڏيکاري کڻنداسين. اسان کلي ڪري ٻڌائي ۽ ڏيکاري ڪيو. اسان جو جيڪو عمل هو، دنيا ان کي ڏٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.