نيئن دهلي(م ڊ)ڀارت جي مخالف ڌر جي جماعتن وزيراعظم نريندر مودي کان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، مخالف ڌر جي جماعتن جو چوڻ آهي ته مودي حڪومت پَهَلگام حملي کان پوءِ شروع ڪيل آپريشن سندور ۽ جنگبندي بابت تفصيلن کان آگاهه ڪري، لوڪ سڀا هيٺين ايوان ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راھول گانڌي وزيراعظم مودي کي خط لکي اهو چيو آهي ته مخالف ڌر جي اها گهر آهي ته وزيراعظم پارليامينٽ جو خاص اجلاس سڏائين، ڇاڪاڻ ته عوام جي نمائندن لاءِ پهلگام حملي، آپريشن سندور ۽ ٽرمپ پاران اعلان ڪيل جنگبندي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڏاڍي ضروري آهي، راهول گانڌي چيو آهي ته هي هڪ اهڙو موقعو هوندو جتي ايندڙ چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ اسان سڀني جي گڏيل عزم جو اظهار ٿي سگهي ٿو. مون کي يقين آهي ته وزيراعظم هن مطالبي تي سنجيدگي سان ۽ ترت غور ڪندا، مخالف ڌر جي اڳواڻ ملڪ ارجن کهرڪي به حڪومت کان پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جو اجلاس سڏائڻ جي درخواست ڪئي آهي.