اسلام آباد (م ڊ) نيچر فوڊ سائنس جرنل ۾ شايع ٿيل اپريل 2025 جي تحقيق موجب موسمي تبديليون چانور، ڪڻڪ، مڪئي ۽ سويابين جي پيداوار کي اڌ تائين گهٽائي سگهن ٿيون، اهو اهڙن ملڪن ۾ ٿي سگهي ٿو جتي غذائي تحفظ ۽ معاشي عدم استحڪام آهي، انهن ملڪن ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي. تحقيق موجب گلوبل وارمنگ سبب زراعت لاءِ موسمون تبديل ٿي رهيون آهن، جنهن سان زرعي پيداوار، غذائي تحفظ ۽ معيشت تي ناڪاري اثر پيو آهي. فنلينڊ جي آلٽو يونيورسٽي جي سائنسدانن خبردار ڪيو ته گرمي پد ۾ واڌ سان 30 اهم فصلن جي پيداوار تي وڏو اثر پئجي سگهي ٿو. ماهرن چيو ته جيڪڏهن گرمي پد 3 ڊگري وڌيو ته ڏکڻ ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ زرعي بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. ٻئيپاسي آبادگارن موجب پهريان چار موسمون هونديون هيون، هاري موسم موجب فصل پوکيندا هئا پر هاڻي موسمن جو پنهنجو مزاج آهي، هاڻي مارچ کان ئي گرمي شروع ٿئي ٿي، غير امڪاني هوائن، طوفانن، ڳڙو پوڻ سبب ڪڻڪ جي فصلن کي وڏو نقصان ٿئي ٿو. پاڪستاني زرعي ماهرن موجب غذائي فصلن جي حوالي سان هارين کي تربيت ڏني پئي وڃي ته هو وڌندڙ گرمي پد موجب نوان فصل پوکين پر اهو عمل ايترو سادو ناهي، اهڙين تبديلين لاءِ وسيلا، تحقيق ۽ پاليسي جي ضرورت آهي.