ڀارتي پائليٽ جي گرفتاري جا افواهه غلط نڪتا

اسلام آباد (م ڊ) خانگي ٽي وي موجب عمران رياض خان ڀارتي عورت پائليٽ جي گرفتاري بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪراري صورتحال دوران، مختلف ذريعن ۽ سوشل ميڊيا تي اها خبر سامهون آئي ته پاڪستاني فورسز هڪ ڀارتي عورت پائليٽ کي گرفتار ڪيو آهي. عمران رياض خان چيو ته هي دعويٰ اڻ تصديق ٿيل ذريعن ۽ سوشل ميڊيا پوسٽن تي ٻڌل آهي، جتي ڪجهه ماڻهن طرفان اهو به چيو ويو ته عالمي ميڊيا، خاص طور الجزيرا به ان بابت خبر ڏني آهي. عمران رياض خان جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته آمريڪا جي خاص درخواست تي پاڪستان ان معاملي کي دٻائي ڇڏيو آهي پر ڪنهن تصديق ٿيل ذريعي ان جي تصديق ناهي ڪئي. ممڪن آهي ته ڪنهن حڪمت عملي تحت في الحال ان معاملي کي ظاهر نه ڪيو ويو هجي، مان ان جي تصديق يا ترديد نٿو ڪري سگهان. ٻئي پاسي عمر چيما پنهنجي ولاگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ان حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ته هنن ڀارت جي ڪنهن پائليٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان هن وقت تائين ڪنهن تصديق ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.