سرحد ڀرسان مڇي جي تلاءُ تان ٻه ڀائر مبينا اغوا

سرحد/ ميرپورماٿيلو (رپورٽ: عبدالحميد ابڙو/ پريم راٺوڙ) سرحد ڀرسان مڇي جي تلا تان ٻه ڀائر مبينا اغوا ٿي ويا، سرحد ۽آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان سرحد جي هاسيجا مهر واسي ٻه ڀائر جاويد مهر ۽ صدام مهر  اغو ا ٿي ويا، سندن والد علي گل مهر مطابق جاويد ۽ صدام کي آندل سندراڻي ڀرسان فيڊر واري علائقي ۾ پنهنجي مڇي جي تلا تان اغوا ڪيو ويو آهي، موٽرسائيڪل تي سوار ماڻهن جو پيرو فارم وٽ ڏٺو آھي جيڪي صدام ۽ جاويد کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن، ان سلسلي ۾ آندل سندراڻي پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڀائرن جي لاپتا ٿيڻ بعد سندن پيرن جو پتو لڳايو ويو، جيڪي ڪچي واري علائقي، شرن جي پاسي طرف ويا آھن پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ٻنهي نوجوانن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي،  ٻنهي ڀائرن جي مبينه اغوا واري واقعي کان پوءِ مهر برادري جي ماڻهن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي، جيڪي وڏي انگ ۾ آندل سندراڻي جي ڪچي واري علائقي ڏانهن روانا ٿيا آهن، ياد رهي ته سرحد ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ اڳ به اغوا جون وارداتون ٿي چڪيون آهن، علائقي جي سياسي ۽ سماجي حلقن اغوا واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نوجوانن کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي، جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.