ڀارت جي ناڪامي سان پي ٽي آءِ جو بيانيو بھ دم ٽوڙي ويو

ڪراچي (ارباب چانڊيو) حملو تھ ڀارت مٿان ٿيو پر ان جو سياسي نقصان پي ٽي آئي جو ٿيو آھي. ڇو جو  پي ٽي آئي پھرين ڏينھن کان طاقتور حلقن خلاف ھڪ بيانيو کڻي ھلي رھي  آھي خاص ڪري عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ ان بيانيي کي ڏيھھ توڙي پرڏيھھ ۾ ڦھلايو بھ ويو پر ھاڻي جڏھن ڀارت کي شڪست ٿي آهي تھ ان سان گڏ  پي ٽي آءِ لاءِ ان بياني کي اڳتي کڻي ھلڻ  تقريبن نا ممڪن ٿي ويوآھي ڇاڪاڻ تھ طاقتور ڌريون وڌيڪ سگھاريون ٿي ويون آھن. ان سان گڏ جيڪي  اقتدار ۾ اچڻ لاءِ  انھن ڌرين کان پنھنجا مطالبا مڃرائيندا ھئا اھي بھ شايد ھاڻي ان پوزيشن ۾ نھ ھجن جو پنھنجون ڳالھيون جيئن جو تيئن مڃرائي سگھن. ان دوران سپريم ڪورٽ بھ ھڪ فيصلو ڏنو اھي  تھ ڪنھن بھ عام شھري جو ڪيس فوجي عدالتن ۾ ھلي سگھي ٿو ان جي ڪري اھا تلوار بھ پي ٽي آئي باني ۽ ان جي حامين مٿان لڙڪندي رھندي. عمران خان جي آزادي يا پيرول تي آزادي بعد بھ اھا تلوار سندس سر مٿان لڙڪندي رھندي. پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ چونڊُون ٿينديون آهن  اھو تاثر بھ آھي تھ عوامي نمائندن کي عوام چونڊيندو آھي پر اھا حقيقت آھي تھ نتيجو اھوئي ايندو آھي جيڪو طاقتور ڌريون چاھينديون آھن. انھن حلقن اھو ڏيکاري ڇڏيو آھي تھ نھ انھن کان سواءِ ملڪ ھلي سگھي ٿو نھ وري سياست.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.