ڀارتي فوج جي 26 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، ڪو به پائليٽ حراست ۾ ناهي: پاڪ فوج

راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ايئر فورس ۽ نيوي جي آفيسرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته الحمدالله، پاڪ فوج قوم سان جيڪو واعدو ڪيو اهو نڀائي ڏيکاريو، اسان پاڪستان خلاف استعمال ٿيندڙ ڀارتي فوج جي 26 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، پاڪستان جنگبندي لاءِ  ڪابه درخواست نه ڪئي هئي، سيز فائر ڪرڻ ڀارت جي خواهش هئي، هن چيو ته ڀارت جارحيت ڪندي بيگناهه پاڪستانين جو رت وهايو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان آپريشن بنيان مرصوص شروع ڪيو، هٿياربند فوج عوام سان جيڪو واعدو ڪيو هو، اهو پورو ڪيو، وطن جي دفاع ۾ جان قربان ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، ڊي جي چيو ته، پاڪستاني فوج پنهنجي غيرتمند ۽ بهادر عوام جي ٿورائتي آهي، جيڪا رياست سان گڏ بيٺي، وزيراعظم ۽ وزيرن جا ٿورائتا آهيون جن مشڪل وقت ۾ اهم فيصلا ڪيا، سمورين سياسي پارٽين جا به ٿورائتا آهيون، جن سياسي اختلاف وساري ملڪ جي دفاع لاءِ متحد ٿي فوج جو ساٿ ڏنو، پاڪستان جي متحرڪ ۽ بهادر ميڊيا جا به ٿورائتا آهيون، پاڪستاني ميڊيا بهادريءَ سان ڀارتي ميڊيا جي آڏو بيٺي رهي، هن چيو ته 6 ۽7 مئي تي ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ ٻار، عورتن سميت معصوم ماڻهو شهيد ٿيا، ڀارت آزاد ڪشمير جي عام آبادي کي ڳرا هٿيارن سان نشانو بڻايو، اسان جون دلي همدرديون شهيدن جي وارثن سان گڏ آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته، "پاڪ فوج آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڪستان خلاف استعمال ٿيندڙ ڀارت جي 26 فوجي هدفن کي نشانو بڻايو، جن ۾ اوڙي نيٽ ورڪ اسٽيشن ۽ پونڇ ريڊار شامل آهن، الله جو شڪر آهي، جنهن فتح عطا ڪئي، اسان سورت گڙھ، سرسه، آدم پور، اونتي پورا ۾ هدفن کي نشانو بڻايو، اوڌم پور، پٺان ڪوٽ ۾ به هدفن کي نشانو بڻايو ويو، ٻن هنڌن تي ڀارت جي S-400 بيٽري سسٽم کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، بياس ۽ نگروٽا ۾ برهموس ميزائلن جي اڏي تي به حملو ڪيو ويو، پاڪ فوج طرفان زبردست سائبر حملا به ڪيا ويا، ڀارتي فوج جي استعمال هيٺ سسٽم کي مفلوج ڪيو ويو، پاڪستان پنهنجي ترقي يافته ٽيڪنالاجي مان ڪجهه کي صبر ۽ دانائي سان استعمال ڪيو، اهڙيون بيشمار ٽيڪنيڪي صلاحيتون مستقبل ۾ به استعمال ٿي سگهن ٿيون، لائين آف ڪنٽرول تي انهن فوجي تنصيبن کي نشانو بڻايو ويو جيڪي آزاد ڪشمير جي معصوم شهرين تي حملو ڪري رهيا هئا، پاڪستان وڏي مهارت، تحمل ۽ درستگي سان جواب ڏنو، پاڪستان تي حملو ڪندڙ سڀني هنڌن تي نشانو لڳايو ويو، نه صرف والاريل ڪشمير ۾ پر ڀارت اندر به نشانو بڻايو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، جنهن جا ثبوت موجود آهن، اولهه سرحد تي پاڪ فوج جي مصروفيت دوران ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ واڌ آئي آهي، ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ کپي، جيڪڏهن اسان جي خودمختياري تي حملو ڪيو ويو ته ڀرپور، جامع ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، هن چيو ته ڀارت ڊرونز جي ذريعي پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي ته جيئن عوام ۾ خوف پکيڙيو وڃي ۽ ماڻهن کي ڊيڄاريو وڃي، ان جي جواب ۾ "آپريشن بنيان مرصوص” دوران پاڪستان جا هٿياربند ڊرونز ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي سميت وڏن شهرن، والاريل ڪشمير کان وٺي گجرات تائين مسلسل اڏامندا رهيا، ته جيئن نه صرف پاڪستان جي صلاحيت جو مظاهرو ڪري سگهجي، پر اهو به ٻڌائي سگهجي ته موجوده جنگ جي حالتن ۾ ڊرون جي اهڙي ڊومين جو ڪو خاص فائدو ناهي، ان موقعي تي ايئر وائيس مارشل اورنگزيب احمد چيو ته ڀارت جي جهاز عام شهرين کي نشانو بڻايو، پاڪ فضائيه جوابي وار ڪري ڀارت جا جهاز تباهه ڪيا، ٻڙي 6 تان ڪاميابي ملي، نيوي جي وائيس ايڊمرل ربنواز چيو ته اسان سمورن بندرگاهن کي آپريشنل رکيو هو، نيوي مقابلي لاءِ مڪمل تيار هئي، جنهن ڪري دشمن کي اڳتي وڌڻ جي جرئت ئي نه ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.