نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي ايئر مارشل اي ڪي ڀارتي کان بريفنگ دوران پڇيو ويو ته ڇا ڀارت پاڪستاني فضائيه جا جهاز تباهه ڪيا آهن؟ ته هن چيو ته اسان انهن جي جهازن کي پنهنجي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو. اسان وٽ ان جو ملبو موجود ناهي، هن وڌيڪ چيو ته "اسان ڪجهه (پاڪستاني) جهاز ڪيرايا آهن، پر في الحال انهن جا انگ اکر ظاهر نٿا ڪريون، مون وٽ انگ اکر موجود آهن ۽ اسين ٽيڪنيڪل تفصيلن جو جائزو وٺي رهيا آهيون ته ان جو درست تعين ڪري سگهون، يقيناً اسان انهن کي ڪجهه نقصان پهچايو آهي، جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا اهي فورٿ جنريشن جا جهاز هئا، ته هن چيو ته "توهان منهنجي وات ۾ پنهنجا لفظ نه وجھو. ان کي فورٿ جنريشن بدران، هاءِ ٽيڪ چئي سگهجي ٿو، ڀارتي ايئر مارشل دعويٰ ڪئي ته ڀارتي فوجن چڪلاله، رفيقي، رحيم يار خان، سکر، سرگوڌا، ڀولاري، مريد ۽ جيڪب آباد ۾ هوائي اڏن، ايئر فيلڊز، ڪمانڊ سينٽرن ۽ ٻين دفاعي تنصيبات تي حملا ڪيا، اهو پيغام هو ته ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ڀارتي ايئر مارشل رافيل تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته نقصان جنگ جو حصو آهي.