ٽرمپ پاران ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ، پاڪستان پاران آجيان

واشنگٽن/ اسلام آباد  (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ٽرمپ طرفان ڪشمير مسئلي جي حل ۾ مدد جي آڇ جي آجيان ڪئي آهي،  پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ لکيو ته پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏجي ڪم ڪندس ۽ ڏسندس ته ڇا هزارين سالنکانپوءِ ڪشمير مسئلي جو ڪو حل نڪري سگهي ٿو، ڪشمير مسئلي جي حل تائين پهچڻ لاءِ ٻنهي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ٽرمپ جنگبندي تي ٻنهي ملڪن جي تعريف لکيو ته، مان ڀارت ۽ پاڪستان جي مضبوط ۽ غير متزلزل قيادت تي تمام گهڻو فخر محسوس ڪريان ٿو، ڇو ته هنن مڪمل طور تي سمجهي ورتو ۽ ڄاڻي ورتو آهي ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته موجوده جارحيت کي روڪيو وڃي، جيڪا ڪيترن ئي ماڻهن جي موت ۽ تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، هن لکيو ته  مان اوهان ٻنهي سان گڏجي ڏسندس ته ڇا ‘هزارين سالن’ کان پوءِ ڪشمير جي هن پريشان ڪندڙ مسئلي جو ڪو حل نڪري سگهي ٿو، الله پاڪ ڀارت ۽ پاڪستان جي قيادت کي هن شاندار ڪم تي برڪت عطا فرمائي، هن زور ڏيندي چيو ته لکين سٺا ۽ بي گناهه ماڻهو مري سگهن ها! اوهان جي بهادراڻي قدمن سان اوهان جي ميراث ۾ تمام وڏي واڌ ٿي آهي، مون کي فخر آهي ته آمريڪا اوهان جي مدد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته جيئن اوهين هن تاريخي ۽ دليراڻي فيصلي تي پهچي سگهو، آمريڪي صدر پاڪستان ۽ ڀارت کي عظيم قومون قرار ڏيندي چيو ته هو ٻنهي ملڪن سان واپار کي گڏيل طور تي وڌائڻ لاءِ قدم کڻندا، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف به ٽرمپ طرفان ڪشمير مسئلي جي حل ۾ مدد جي آڇ جي آجيان ڪئي آهي،  پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته آمريڪي صدر جي قيادت ۽ عالمي امن لاءِ سندس عزم تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان ۽ صدر ٽرمپ جي آڇ کي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اهم سمجهان ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا امن ۽ سلامتي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهيا آهن، صدر ٽرمپ جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ مضبوط ڀائيوار مليو آهي، اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي نئون رستو ملندو ۽ ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، هي تعاون صرف واپار ۽ سيڙپڪاري تائين محدود نه هوندو، پر هر شعبي ۾ هوندو، ٻئي پاسي، پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ بابت بيان جي آجيان ڪئي آهي، پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جنگبندي ۾ آمريڪا ۽ ٻين دوست ملڪن جو تعميري ڪردار ساراهڻ جوڳو آهي، ڪشمير مسئلي جي حل بابت ٽرمپ جي بيان جي آجيان ڪجي ٿي، ڪشمير مسئلي جو پائيدار حل گڏيل قومن جي قراردادن مطابق هجڻ گهرجي ۽ ڪشميرين کي خوداراديت جو ناقابل تنسيخ حق ملڻ گهرجي، پاڪستان امن ۽ استحڪام لاءِ آمريڪا سان سهڪار جاري رکندو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.