ٽن ڏينهن دوران ڀارت کي 150 ارب ڊالرن جو نقصان

اسلام آباد(فخر دراني)ڀارت پاڪستان جي نور خان ايئر بيس سان گڏ رفيقي ايئر بيس، سرگوڌا، ۽ سنڌ جي جيڪب آباد واري اڏن تي به حملا ڪيا. پر بنيادي نشانو نور خان ايئر بيس هو. ڇو ته ان حملي کان ٿورو وقت اڳ اُتان  هڪ VVIP فلائيٽ رواني ٿي هئي،اهو  حملو پاڪستان لاءِ وڏي ڪاوڙ جو سبب بڻيو، ڇو ته ڀارت کي ان فلائيٽ جي معلومات هئي، يعني ڀارتي انٽيليجنس وٽ اها ڄاڻ موجود هئي ته ڪهڙي فلائيٽ ڪڏهن اڏامي رهي آهي، ان مان ڀارتي سازش جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.پاڪستان سپر ليگ (PSL) جي معطلي کان پوءِ، بين الاقوامي رانديگرن، امپائرز، ۽ اسٽاف کي چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي واپس موڪلڻ لاءِ هڪ خاص فلائيٽ نور خان ايئر بيس تان رواني ڪئي وئي، ۽ ان فلائيٽ جي اڏاڻ کان ٿورو ئي پوءِ ڀارت طرفان ميزائل حملو شروع ٿيو.هن ڀيري جيڪڏهن اها فلائيٽ نشانو بڻجي ها ته پاڪستان لاءِ ڪرڪيٽ جي دنيا ٻيهر بند ٿي وڃي ها، جنگ جي امڪانن بابت اقتصادي ماهرن اندازو لڳايو ته ڀارت کي 40-50 ارب ڊالر ۽ پاڪستان کي 10-12 ارب ڊالر جو نقصان ٿيندو. پر ڀارت جي اندازن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي فضائي قوت ڀارت جي ڀيٽ ۾ گهڻو طاقتور نڪتي.پاڪستان ڀارت جا پنج جهاز تباهه ڪيا،دنيا پاڪستان جي فضائي برتري "فضا جو بادشاهه” طور تسليم ٿي رهي آهي. جڏهن ته ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽ رڳو 3 ڏينهن (7 کان 9 مئي) دوران 2,400 ارب ڀارتي رپيا نقصان (~29 بلين ڊالر)نفٽي: 1,220 ارب ڀارتي رپين،ريلائنس انڊسٽريز 200 ارب رپين،ايڇ ڊي ايف سي بينڪ 300 ارب رپين جو نقصان ڪيو،ڪُل اسٽاڪ مارڪيٽ نقصان جو اندازو  لڳ ڀڳ 44 بلين ڊالر آهي،فوجي نقصان ۾ايئر ڊيفنس سسٽم (S-400 1.5 بلين ڊالررافيل جهاز  900 ملين ڊالر ٻين جهازن ۽ تنصيبن سان گڏ 100 بلين ڊالر کان وڌيڪ مجموعي نقصان جو خدشو آهي،عالمي ڪمپنيون (ايپل، ٽسلا، وغيره) جيڪي چين مان پنهنجون فيڪٽريون منتقل ڪري ڀارت کي چونڊي رهيون هيون، هاڻ ڀارت ۾ سيڙپڪاري بابت ٻيهر سوچينديون. جنگي خطري سبب ڀارت جو معاشي مستقبل هاڻ غير يقيني بڻجي ويو آهي.ڪمپنيون هاڻ ڀارت بدران ويٽنام، ٿائيلينڊ، انڊونيشيا وغيره کي ترجيح ڏئي سگهن ٿيون.ڀارت پاڪستان کي هميشه فلمي انداز ۾ ڪمزور سمجهندو آيو آهي، پر هن ڀيري پاڪستان جي فوج، خاص طور ايئر فورس، جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري، اها دنيا جي فوجي اڪيڊمين ۾ "ڪيئس اسٽڊي” طور پڙهائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.