مورو(ن ع آ)ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، سنڌو درياهه تي نون ڪينالن ۽ معدني وسيلن تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ طرفان سنڌ ڪالوني کان پريس ڪلب موروتائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو احتجاجي مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ، عوامي تحريڪ جي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، لطيف ڀٽي، حسين سومرو,فريد ڪلھوڙو ، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي خزانچي علي نواز عالماڻي،محمد علي شاهه ،اسماعيل عالماڻي،سرور سنڌي،ستارعمراڻي، سنڌياڻي تحريڪ ضلع اگواڻ مومل ڏاھري ، فهميده سومرو،ثناء راڄپر،ڪائنات، پرھ راڄپر ۽ ٻين ڪئي. احتجاجي مارچ ۾ وڏي انگ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن،ٻارڙن، نوجوانن، هارين، مزدورن سميت وڏي انگ ۾ ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڪينال ٺاهڻ وارو فيصلو اڃان واپس ناهي ٿيو. سي سي آءِ جو فيصلو غير آئيني ۽ سنڌي قوم جي جدوجھد کي ماٺو ڪرڻ جي سازش آهي، سي سي آئي پنجاب جو اڪثريتي ادارو آهي. هنن چيو ته پيپلزپارٽي وارن سنڌو درياهه ۽ زمينن جو سودو ڪيو آهي،جيڪڏھن بلاول ڀٽو زرداري واقعي ڪينالن خلاف آهي ته صدر آصف علي زرداري صدارتي ڪرسي ڇڏي ۽ وفاقي حڪومت جو ساٿ ڇڏي ڪينالن خلاف جدوجھد ۾ سنڌي عوام سان گڏ بيهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ باوجود تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال کولڻ پنجاب جي بي حسي آهي. ارسا خاموش تماشائي بڻيل آهي. چشما کان گڊو بئراج تائين سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي پر ارسا هڪ اکر ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي. عوامي تحريڪ جي جدوجهد ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ سنڌو درياهه تي نون ڪينالن خلاف جاري رهندي.