نيو يارڪ (م ڊ) يورپي دفاعي ويب سائيٽ بلغاريه ملٽري ريويو پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي جوابي حملي ۾ ڀارتي اينٽي ايئر ڪرافٽ سسٽم ايس-400 جي تباهي پاڪ-ڀارت جنگ جو سڀ کان وڏو ۽ هاءِ پروفائيل واقعو هو. رپورٽ موجب، آدم پور ايئر بيس، جيڪو ڀارت جي اتر ۾ سخوئي اسڪواڊرن جو اهم مرڪز ۽ سرحد کان 100 ڪلوميٽر پري واقع آهي، اتي روسي سسٽم جيتباهي ڀارتي دفاعي نظام کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. تجزئي ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي JF-17 ٿنڊر ۾ لڳايل هائپرسونڪ ميزائل ان جي حملي جي صلاحيت وڌائي ڇڏي آهي. ويب سائيٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان شايد چين جي هائپرسونڪ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مقامي ميزائل تيار ڪيو آهي، جيڪو ڀارت جي دفاعي حڪمت عملي تي ڊگهو اثر ڇڏيندو. رپورٽ ۾ اهو به لکيو ويو ته ايس-400 سيچوريشن يا ڪمانڊ ۽ ريڊار سسٽم تي حملي جي صورت ۾ ڪمزور ٿي وڃي ٿو، ۽ پاڪستان هاڻ ڀارت جي اندر تائين حملي جي صلاحيت رکي ٿو.