ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏيڻ خلاف جسقم جا مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندا) سنڌ جون زمينون، ٻيٽ، جبل ۽ ٻيلا ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ مختلف ڪمپنين کي ڏيڻ ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ڏيڻ خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ويا، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته وقت جا حڪمران سنڌو درياھ تي بار بار والار کان پوءِ هاڻي وري سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري رهيا آهن، سنڌ جي انچ انچ جا وارث آهيون، ٻيٽ، ساحلي پٽي، جبل، سنڌ جي غير آباد زمين، ٻيلن جي زمين تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ جون غير آباد زمينون غريب هارين کي ڏنيون وڃن، حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي جسقم جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، رحمان پيرزادو، نواب خان بڙدي، سومر خان جمالي، انور علي چانڊيو، صوفي خالد چنا ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي انچ انچ جا وارث سنڌي آهن، ٻيٽ، ساحلي پٽي، جبل، سنڌ جي غير آباد زمين، ٻيلن جي زمين تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ جون غير آباد زمينون غريب هارين کي پاڻي سميت سڀ سهولتون ڏئي حوالي ڪيون وڃن، ريلي کي رحمان پيرزادو، ايڊووڪيٽ نواب بڙدي، سومر خان جمالي، پپو ڀرڳڙي،انور علي چانڊيو، اقبال ڏيٿو، صدام کوسو،صوفي خالد چنا، عمران شيخ، آصف پنهور، وقار ميمڻ، جبران سومرو، ڪاشف عباسي، ارباز چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو، دادو  ۾ جسقم ۽ جساف پاران جسقم ضلعي جي صدر منصور جمالي، نياز احمد چنا، عارف لغاري، صداقت شيخ، جساف جي ضلعي صدر سالار سولنگي، نظام انڙ، اقبال ديشي، وحيد لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي جسقم ضلعي چيف آرگنائيزر ڪامريڊ نور محمد مري، ڄام منور سمون، رضا سمون، توفيق لغاري ۽ ٻين خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.