اسلام آباد (م ڊ) وفاقي اطلاعات واري وزير عطا الله تارڙ چيو ته پاڪستان طرفان جنگ بندي جي ڪا به ڀڃڪڙي ناهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان تي لڳايل الزامن ۾ ڪا به حقيقت ناهي، ۽ ڀارتي اختيارين جي پريس بريفنگ دوران سندن لفظ به ساٿ نه ڏئي رهيا هئا. عطا الله تارڙ موجب پاڪستان ۾ هن وقت فتح جو جشن آهي ۽ قوم پنهنجي سرڪاري ردعمل تي فخر محسوس ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان طرفان ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي ناهي ٿي، ۽ ڀارت کي اهڙن بي بنياد الزامن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پاڪستان کي پنهنجي واضح ردعمل کانپوءِ عالمي سطح تي عزت ملي آهي.
-
خطرو ناهي ٽريو، پاڪستان کي خبردار رهڻ گهرجي: اڳوڻو سفير
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي ڀارت ۾ اڳوڻي سفير عبدالباسط چيو ته جنگ اڃا ختم ناهي ٿي ۽ پاڪستان کي ڀارت جي سازشن کان خبردار رهڻ گهرجي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي عبدالباسط چيو ته ڀارتي حڪومت تي عوام ۽ اپوزيشن جو دٻاءُ آهي ته جنگ بندي تي راضپو ڇو ٿيو؟ هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڪشمير جي معاملي تي ٽين ڌر جي ٽياڪڙي ڪهڙي اجازت سان قبول ڪئي وئي؟ عبدالباسط خبردار ڪندي چيو ته ڀارت هڪ مڪار ۽ دوکو ڏيندڙ دشمن آهي، پاڪستان کي هر وقت خبردار رهڻ گهرجي، ڇو ته خطو اڃا به خطري ۾ آهي.
-
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني سرڪاري دوري تي روس پهچي ويو
اسلام آباد(م ڊ)سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني سرڪاري دوري تي روس پهچي ويا، جتي هو پنهنجي قيام دوران اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندا،يوسف رضا گيلاني سرڪاري دوري تي روس پهچي ويا آهن، هندوري جي دعوت روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي چيئرپرسن ويلنٽينا ميٽوينڪو طرفان ڏني وئي هئي، روس پهچڻ تي سيد يوسف رضا گيلاني جو استقبال روس-پاڪستان فرينڊشپ گروپ جي سربراهه شزو وِلاديمير ڪيو، ان موقعي تي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان جا روس سان پارلياماني لاڳاپا نهايت مضبوط ۽ تاريخي آهن، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي پرڏيهي پاليسي سبب پاڪستان جي عالمي وقار ۾ واڌارو آيو آهي،سندس چوڻ هو ته روس ۾ فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين جو پڻ ٿورائتو ٿيو. روس ۾ هو پنهنجي قيام دوران اعليٰ سطحي ملاقاتون به ڪندو.