ڀارت، پاڪستاني جنگي هٿيارن سان حيران ضرور ٿيو هوندو: مائيڪل ڪلارڪ

لنڊن (م ڊ) برطانيا جي عالمي دفاعي تجزئي نگار پروفيسر مائيڪل کلارڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ "ساک” جي جنگ هئي، جنهن ۾ پاڪستان پاران استعمال ڪيل هٿيار ڀارت لاءِ حيرت جو سبب ضرور بڻيا هوندا. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان چين کان خريد ڪيل HQ-9 ايئر ڊفينس سسٽم ۽ J-10C جنگي جهاز استعمال ڪيا، جن جي مدد سان ڀارت جا رافيل جهاز به نشانو بڻيا. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي ٽيڪنيڪل صلاحيتن ۽ جديد فوجي ساز سامان کان ضرور حيران ٿيو هوندو. مائيڪل کلارڪ موجب، ڪشمير تڪرار ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم سبب آهي، ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڪڏهن به ڪشمير بابت ڳالهائڻ نٿو چاهي، والاريل ڪشمير توڻي آزاد ڪشمير ۾ اڪثريت مسلمان آهن. هو وڌيڪ چوي ٿو ته ٻنهي ملڪن جي جنگ بنديءَ ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪو روبيو اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪا عالمي برادري لاءِ اطمينان جوڳي ڳالهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.