نئين دهلي (م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ بندي واري اعلان کان پوءِ، ڀارتي صحافي ارنب گوسوامي جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف بيان بازي ۽ پوءِ يوٽرن وٺڻ تي ڀارتي عوام سوشل ميڊيا تي سوال اٿاري ڇڏيا. ريپبلڪ ٽي وي جي ميزبان ارنب گوسوامي جي هڪ وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ هو ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چوندي نظر اچي ٿو ته ٽرمپ کي زميني حقيقتن جو اندازو ئي ناهي، ۽ هو ڪهڙي حيثيت سان جنگ بندي جو اعلان ڪري ٿو؟ ان دوران گوسوامي کي هڪ پيغام مليو، جنهن کان پوءِ سندس لهجو تبديل ٿي ويو. ڀارتي واهپيدار پڇي رهيا آهن ته آخر کيس يوٽرن ڇو وٺڻو پيو؟ ان وڊيو کي چينل جي پليٽ فارمن تان هٽايو ويو جنهن تي وڌيڪ شڪ پيدا ٿي پيا. ڀارتي سوشل واهپيدار گوڙ ڪندڙ حڪومتي عهديدارن کان سوال ڪري رهيا آهن ته هاڻي اوچتو خاموشي ڇو؟
-
سري لنڪا ۾ بس سان افسوسناڪ حادثو،21 ماڻهو فوت،ڪيترائي زخمي
ڪولمبو(م ڊ)سري لنڪا ۾ بس کاهيءَ ۾ ڪري پوڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 21 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 24 زخمي ٿي پيا، عالمي خابرو اداري اي ايف پي جي رپورٽ موجب، هڪ سينيئر ٽرانسپورٽ عملدار ٻڌايو ته آچر جي ڏينهن ٻڌ مذهب جا ڪيترائي پوئلڳن کي کڻي ويندڙ بس جابلو علائقي مان گذرندي هڪ کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 21 ماڻهو فوت ۽ 24 زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته سرڪاري بس ۾ لڳ ڀڳ 70 مسافر سوار هئا، جڏهن ته بس ۾ صرف 50 ماڻهن لاءِ ويهڻ جي گنجائش هئي، هن حادثي ۾ بس مڪمل طور تباهه ٿي وئي.