هٽڙي ۾ حملي جو زخمي ٻار به فوت،مقتولن جو انگ 2 ٿي ويو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن هٿان هڪ خاندان جي ماڻهن مٿان ڪيل حملي جو زخمي معصوم ٻارڙو به زخمن جا سور سهندي فوت ٿي ويو. واقعي ۾ فوتين جو انگ 2 ٿيويو آهي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس 5 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي. حيدرآباد جي هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن هٿان گوليون لڳڻ سبب ڳورهاري عورت فهميده جي فوت ٿيڻ کانپوءِ زخمي ٿيل سندس نينگر قدر حسين به زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. جڏهن ته عورت ۽ سندس معصوم پٽ جي قتل سميت ٻن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سوشل ميڊيا پيج هلائيندڙ مقتولا عورت جي مڙس ۽ مقتول ٻارڙي جي پيء محمد يونس راڄڙ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته هٽڙي ٿاڻي جي حد علي آباد ڪالوني ۾ جوا جي اڏي بابت وڊيو وائرل ٿي ته پوليس ڇاپو هڻي ڪجھه جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو. اهڙي واقعي کانپوءِ جوابدار اياز چانڊيو، احمد عرف ڪيٽو خواجا، دلدار خواجا ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن مون سميت منهنجي فيملي تي حملو ڪيو. حملي ۾ منهنجي 33 ورهين جي ڳورهاري زال فهميده راڄڙ، پٽ قدر حسين، پيءُ رحيم بخش ۽ آئون زخمي ٿي پيس. اسپتال ويندي منهنجي گهرواري رستي ۾ گذاري وئي. جوابدارن وڊيو هلڻ جي معاملي تان حملو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.