اسلام آباد(قربان بلوچ) گذريل ڏينھن اسر ويل جيئن ئي پاڪستان پاران ڀارت مٿان تابڙ توڙ حملا ڪيا ويا تھ مودي ڊڄي ويو . ڀارتي قيادت جون دانھون نڪري ويون ۽ ھنن ٽرمپ سان رابطو ڪري چيو تھ اسان جي جان ڇڏاءِ ھاڻي جنگبندي جو اعلان آمريڪي صدر ٽرمپ پاران ڪيو ويوآھي. ٽرمپ جي ٽوئٽ بعد پاڪستاني نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران ان خبر جي تصديق ڪئي وئي آھي، ڀارتي پرڏيھي وزارت جي ترجمان اعلان ڪيو تھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ جنگبندي ٿي وئي آھي.ٻنھي ملڪن جي ڊي جي ملٽري آپريشنز وچ ۾ ڳالھين جو عمل 12 مئي تي ٿيندو. ھن جنگ ۾ مودي کي شڪست ٿي،پاڪستان جيڪو اسر جو جواب ڏنو ان ۾ ڀارت جا 10 کان وڌيڪ فوجي ھدف مليا ميٽ ٿي ويا،جنھن جي ڪري آمريڪي پرڏيھي وزير اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.پاڪستان چيو تھ جيستائين ڀارتي جارحيت ختم نھ ٿيندي ائين نھ ٿيندو، پوءِ ڀارت پاران خاطري ڪرائي وئي تھ ڪا اڳرائي نھ ٿيندي. جنھن تي پاڪستان چيو تھ امن اسان جي ھميشھ اوليت رھيو آھي.شرط صرف اھوآھي تھ ڀارت جي ڪا اڳرائي نھ ٿيندي.ھن ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جيڪا پاليسي اختيار ڪئي ان جي دنيا ۾ واھ واھ ٿي آھي.مودي جا ھن ڀيري ارادا خطرناڪ ھيا ، اميد آھي تھ 12 مئي تي ٻئي ملڪ مستقل امن جي قيام لاءِ حل ڪڍندا.