اسلام آباد(بي بي سي)ٽرمپ جي ”پنچائت“ تي پاڪستانين کي خوشي پر ڀارتي سوال پيا ڪن ته آمريڪي صدر مداخلت ڇو ڪئي؟سوشل ميڊيا تي وسيع جاني ۽ مالي نقصان باوجود ٻنهي طرفن جي فتح جون دعوائون هلي رهيون آهن، پر هڪ طبقو جنگ بندي ڪرائڻ تي ٽرمپ جو ٿورو مڃيندي نظر اچي رهيو آهي،اشوڪ سوئين لکيو ته انڊيا-پاڪستان سيز فائر تي ٽرمپ جي واکاڻ ٿيڻ کپي. هي معاملو ٻن ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ خطري واري جنگ جي طرف وڌي رهيو هو،افغانستان لاءِ اڳوڻي آمريڪي سفير زلمي خليل زاد به ٽرمپ انتظاميا جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ اهڙي ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ آمريڪي ٽياڪڙي اهم رهي آهي،پر ڪجهه صارفين جو خيال آهي ته هي معاملو پاڪستان ۽ ڀارت پاڻ ۾ ئي حل ڪيو، ٽرمپ جو دٻاءُ نه هو،ڀارتي اينڪر ارنب گوسوامي جو هڪ وڊيو ڪلپ به گردش ۾ آهي جنهن ۾ هو ٽرمپ جي پيغام تي ناراضگي ظاهر ڪري ٿو،سندس چوڻ آهي ته هي آمريڪي صدر جو ڪم نه آهي. اسان فيصلو ئي نه ڪيو آهي ته هن معاملي ۾ سندن مداخلت گهرجي يا نه،هڪ صارف اَڊيويڊ چيو ته جنگ بندي سٺو فيصلو آهي، پر آمريڪا کي ٽياڪڙ طور شامل ڪرڻ جي ضرورت نه هئي.“ٻئي طرف گهڻا پاڪستاني صارف ۽ تجزيه نگار ٽرمپ جي ثالثي کي قبول ڪندا نظر آيا. ڪيترن ئي صارفن "شڪريو ٽرمپ” جا ٽوئيٽ به ڪيا.مشرف زيدي چيو ته ڀارت کي ٽرمپ جو ٿورائتو ٿيڻ کپي، جنهن هن تڪرار مان ٻاهر نڪرڻ جو رستو ڏيکاريو،هڪ پاڪستاني صارف ٽرمپ کي "چوڌري” جو لقب به ڏنو. اسد ملڪ لکيو ته دنيا جي ”چوڌري“ٽرمپ، پاڪ-ڀارت پنچائت گهرائي آهي، هاڻ صلح ٿي ويندي،ذوالفقار منج تبصرو ڪيو ته شعور ۽ سوچ،گوڙ کان کٽي ويا