ڳڻتي جوڳي انٽيليجنس تي آمريڪا مداخلت وڌائي

نيويارڪ(م ڊ)آمريڪي صحافي ٻڌايو آهي ته آمريڪي نائب صدر ڊي وينس مودي کي ٻڌايو ته ڇڪتاڻ جاري رهي ته هفتي جي  پڄاڻي تي ان ۾ شدت اچي سگهي ٿي، وينس مودي کي متبادل رستا ٻڌايا جيڪي پاڪستان لاءِ قابل قبول هجن،جمعي جي صبح آمريڪا کي هڪ ڳڻتي جوڳي حساس معلومات ملي،ان حساس انٽيليجنس جي ڪري آمريڪا پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ پنهنجي مداخلت وڌائي،هن چيو ته آمريڪي عهديدارن معلومات حساس هجڻ جي بنياد تي ان جي نوعيت نه ٻڌائي،ان بنياد تي ڊي وينس مودي کي فون ڪيو،مودي تي پاڪستان سان سڌي سنئين رابطي لاءِ زور ڀريو ويو، روبيو ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي جا عملدار سڄي رات پاڪ ڀارت اختيارين سان رابطي ۾ رهيا، هن چيو ته ٽرمپ انتظاميا ٻنهي ڌرين کي ڳالهين تي راضي ڪيو، آمريڪي نائب صدر،پرڏيهي وزير ۽ وائيٽ هائوس چيف آف اسٽاف پاڪ ڀارت تڪرار کي مانيٽر ڪري رهيا هئا،ٽرمپ انتظاميا جو معاهدي جو مسودو تيار ڪرڻ ۾ ڪو به ڪردار ناهي،هن چيو ته آمريڪا سمجهي ٿو ته نائب صدر جو مودي کي فون سموري معاملي ۾ اهم موڙ هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.