سنڌ ۾ 7 ڀارتي ڊرون حملا ناڪام

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندن وٽان ) جيڪب آباد ۾ ڀارت پاران ڊرونز ذريعي شهباز ايئربس تي حملي جي ڪوشش ڪئي  وئي پاڪ فوج جي سيڪيورٽي ادارن 4 ڊرونز هوا ۾ تباهه ڪري ڇڏيا آهن ڀارتي ڊرون جي تباهه ٿيڻ کان پوءِ ملبو جمس اسپتال ۽ نمائش گرائونڊ وٽ هيٺ زمين تي ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ شھري غلام مصطفيٰ ڀٽي نينگر غلام مجتبيٰ کوسو، عرفان علي زخمي ٿي پيا جڏهن ته ايئربس جي اندر پرويز باجڪاڻي به زخمي ٿي پيو آهي اي ڊي سي ڪالوني جي هڪ عورت شريفان به ٽڪڙا لڳڻ سبب معمولي زخمي ٿي پئي ٽن زخمين کي سول اسپتال ۽ جمس اسپتال آندو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي جڏهن ته پرويز باجڪاڻي کي شهباز اسپتال ۾ ئي داخل ڪيو ويو آهي پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن پاران ڊرونز تباهه ڪرڻ جي ڌماڪن کانپوءِ ٿوري دير لاءِ شھر ۾ افراتفري پيدا ٿي وئي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ زندگي معمول تي اچي وئي شهرين پاران پاڪ فوج جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي هوڏانهن جيڪب آباد ۾ ڀارتي ڊرونز تباهه ٿيڻ کان پوءِ ايوننگ شفٽ ۾ ٿيندڙ فرسٽ ايئر جي اسلاميات وارو پيپر ملتوي ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ڪاليج انتظاميا ٻڌايو ته جيڪب آباد ۾ فرسٽ ايئر جو ٿيندڙ اسلاميات وارو اڄوڪو پيپر ملتوي ڪيو ويو آهي جيڪو بعد ۾ ورتو ويندو هوڏانهن جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته جيڪب آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڀارت پاران ڊرون ذريعي ڪيل جارحيت بزدلاڻو حرڪت آهي هوڏانهن ڪوٽ غلام محمد جي ويجهو ڳوٺ پياسي ڌونڪائي  ۾ هڪ ڊرون جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. مقامي ماڻهن موجب، ڊرون زمين سان ٽڪرائڻ کان پوءِ زور دار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.ابتدائي ڄاڻ موجب، پاڪ فوج ڊرون کي نشانو بڻائي ناڪارا بڻائي تباهه ڪيو.سيڪيورٽي ذريعن موجب، تباهه ٿيندڙ ڊرون اسرائيلي ساخته ھو،سيڪيورٽي ادارن م  علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي.مقامي ماڻهن ڊرون ڪرڻ جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن، جيڪي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن،هوڏانهن سکر ۾ صبح باک ڦٽي مهل ايئرپورٽ ڀرسان ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي شدت سبب وڏي انگ ۾ ماڻهو ٻاهر نڪري آيا، ڌماڪي جو سبب هندستان پاران سکر ايئرپورٽ طرف موڪليل ڊرون ٿيو جنهن کي پاڪ فوج هوا ۾ ناڪارا بڻائي ڇڏيو ايئرپورٽ سکر وٽ پهتل ماڻهن پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هڻندا رهيا. ميان صاحب ويجهو لوڊرا ٿاڻي جي حد درگاهه ٻڍل فقير ڀرسان قالڻ فقير جي علائقي ۾ ڪالهه شام جو پاڪ فوج پاران ڀارتي ڊرون ڪيرايو ويو ڊرون ڪرڻ سبب ٻڪريون چاريندڙ 7 سالا نينگر فياض پٽ قادر بخش جعفري زخمي ٿي پيو  جنهن کي ڳوٺاڻن ۽ لوڊرا پوليس زخمي حالت ۾ شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.