واشنگٽن (م ڊ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ مڪمل ۽ فوري جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جي ٻنهي ملڪن به تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته هن جنگبندي جي اصل پويان سبب آمريڪي صحافي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي نشرياتي اداري "سي اين اين” سان لاڳاپيل صحافي نِڪ رابرٽسن ٻڌايو ته ڀارت، پاڪستان جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪري جنگبندي تي رضامند ٿيو.نڪ رابرٽسن موجب، ڀارت جي جارحيت جي شروعات کان ئي سڄي دنيا جنگبندي لاءِ ڪوششون ڪري رهي هئي، پر ڀارت تيار نه هو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان، ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ آپريشن بنيان مرصوص شروع ڪيو، جنهن دوران ڀارت تي لڳاتار شديد حملا ڪيا ويا.پاڪستان نه صرف ڀارت جي دفاعي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏيو، پر ميزائلن جو مينهن وسائي ڇڏيو، جنهن سبب ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي اچڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.ڀارت جي اپيل تي آمريڪي پرڏيهي وزير سعودي ۽ ترڪ اختيارين سان رابطو ڪيو، جنهن بعد معاملو سفارتي طريقي سان حل ٿيو ۽ جنگبندي ممڪن بڻجي سگهي.