پاڪستان حڪومت جو چوڻ آهي ته هن ڇنڇر جي صبح سوير هندستان خلاف جوابي ڪارروائي شروع ڪئي آهي،۽ آپريشن جو نالو ‘بنيان مرصوص ‘ ڏنو ويو آهي.ياد رهي ته گذريل رات پنجاب صوبي جي راولپنڊي شهر سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. ان جي ٿوري دير کان پوءِ، پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جي سربراهه، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري، دعويٰ ڪئي ته جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات، هندستان ھوائي حملن دوران فضا کان زمين ۾ مار ڪندڙ ميزائلن ذريعي راولپنڊي جي نور خان ايئر بيس، شورڪوٽ ايئر بيس ۽ مريد ايئر بيس کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.پر ھن موجب حملن جي نتيجي ۾ هوائي فوج جا سڀئي اثاثا محفوظ رھيا.
اهڙي اطلاع ڏيڻ جي ڪجهه ئي دير بعد هن جوابي ‘ آپريشن بنيان مرصوص’ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، هن آپريشن جي شروعات پاڪستان پاران ‘فتح-1’ ميزائل لانچ ڪري ڪيو ويو. آءِ ايس پي، بي بي سي سان فتح ون ھلائڻ جون وڊيوز پڻ شيئر ڪيون آهن.پاڪستاني فوج موجب "هن آپريشن کي پاڪستاني ٻارن جي نالي ڪيو ويو آهي جيڪي ھندوستان جي پاڪستان خلاف جارحيت جي نتيجي ۾ مارجي ويا هئا.”. سندس وڌيڪ چوڻ ھو تھ "پاڪستان انهن معصوم ٻارن جي شهادت کي نه وساريو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن وساريندو.
بنيان مرصوص جو مطلب ڇا آهي؟
”بنيان مرصوص “ جا لفظ مسلمانن جي مقدس ڪتاب قرآن جي هڪ آيت مان ورتل آهن، جنهن جي معنيٰ آهي "شيهي جي ديوار“آھي.قرآن مجيد جي سورة الصف جي چوٿين آيت ۾ آهي: ترجمو:بيشڪ الله انهن کي پسند ڪري ٿو جيڪي سندس واٽ تي ھلندي مضوط ٿي ڪري وڙهندا آهن، ڄڻ ته اهي شھي جي ديوار آھن.“ آءِ ايس پي آر موجب، ‘بنيان مرصوص ‘ اهي ماڻهو آهن جيڪي الله جي رستي ۾ جدوجهد ڪن ٿا، يعني هڪ مضبوط، لوهي ڀت وانگر ۽ انهن ماڻهن کي الله جي پيارن ٻانهن ۾ شمار ٿين ٿا.فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته انهيءَ جذبي سان هن آپريشن جو نالو ‘بنيان مرصوص ‘ رکيو ويو آهي.
‘فتح ون’ ميزائل ڇا آهي؟ آءِ ايس پي آر موجب، هي آپريشن پاڪستان پاران ‘فتح ون’ ميزائل لانچ ڪري شروع ڪيو ويو ۽ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ ميڊيا سان فتح ون جي لانچ جون وڊيوز پڻ شيئر ڪيون آهن.اهي وڊيوز سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي رهيون آهن ۽ هن وقت ‘فتح ون’ نالي ٽرينڊ پاڪستان ۾ ٽاپ ٽرينڊز مان هڪ آهي.
فتح-1 ميزائل پاڪستان جو جديد، مختصر فاصلي وارو هٿيار آهي جنھن جي رينج 140 ڪلوميٽرن
تائين آهي. مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-1 راڪيٽ سسٽم جو تجربو 24 آگسٽ 2021 تي ڪيو ويوھو.فتح ون هڪ پاڪستان جو ٺاهيل زمين کان زمين تي مار ڪندڙ گائيڊڊ ميزائل آهي جيڪو فتح سيريز جو حصو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو ميزائل، فتح II پڻ شامل آهي. پاڪستان آرمي جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، هي ميزائل، 400 ڪلوميٽر تائين جي رينج رکي ٿو ۽ پنهنجي هدف کي صحيح طريقي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.فتح ون هدف جي لحاظ کان 300 کان500 ڪلوگرام وار هيڊ کڻڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿو.نيشنل يونيورسٽي آف ڪينبرا ۾ اسٽريٽجڪ ۽ ڊفينس اسٽڊيز جي ليڪچرر ڊاڪٽر منصور احمد جي مطابق، فتح ميزائل پاڪستان جي ڊگهي مفاصلي واري راڪيٽ آرٽلري سسٽم ۾ هڪ جديد اضافو آهن. انهن کي مختلف نازڪ هدفن تي انتهائي درستگي سان جوابي حملي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جن ۾ ايئر بيس، ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر، گولي بارود جا ذخيرا، لاجسٽڪ سپلاءِ لائينون ۽ دشمن جي فارورڊ سپلاءِ ٽينڪ يا آرٽلري شامل آهن.
ڊاڪٽر منصور مطابق، فتح سيريز پاڪستان جو تمام گهڻو اثرائتو ميزائل سسٽم آهي، جيڪو هوائي فوج سان گڏجي دشمن جي (جارحاڻي صلاحيت) کي نشانو بڻائڻ ۽ انهن جي اعليٰ قدر واري دفاعي هدفن کي بي اثر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.هن ٻڌايو ته هن ميزائل جي اهم خصوصيت اها آهي ته ان کي دشمن جي دفاعي نظام جي حدن کان ٻاهر، اسٽينڊ آف رينج مان انهن ميزائلن کي فائر ڪري سگهو ٿا. انهن ميزائلن ۾ ‘شوٽ اينڊ اسڪوٽ ‘ جي صلاحيت پڻ آهي، مطلب ته فائر بعد فوري طور تي پنهنجي جڳهه تبديل ڪري سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اهي دشمن جي جوابي فائرکان محفوظ آهن. جنهن ڪري انهن کي نشانو بڻائڻ يا روڪڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.
"پاڪستان فتح سيريز جي گرانڊ لانچڊ آرٽلري راڪيٽ سسٽم کي استعمال ڪيو آهي، جيڪي آمريڪي هاءِ موبلٽي آرٽلري راڪيٽ سسٽم (HIMARS) سان ملندڙ جلندڙ آهي، جيڪي يوڪرين ۾ وڏي درستگي سان استعمال ٿي رهيا آهن.”ڊاڪٽر منصور موجب، هي ميزائل سسٽم مقامي طور تي تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته پاڪستان کي هن سيريز ۾ وڌيڪ ميزائلن جي پيداوار ۾ ڪنهن به سپلاءِ جي مسئلي کي منهن نه ڏيڻو پوندو.فتح سيريز ۾ هڪ، ٻه، ٽي ۽ چار ميزائل شامل آهن، جن ۾ فتح هڪ ۽ ٻه 400 ڪلوميٽر تائين جي رينج جا آهن ۽ اهي ٻئي فوج جي آپريشنل استعمال ۾ آهن. هن چيو ته پاڪستان فتح IV تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جي رينج 700 ڪلوميٽر آهي.
اسلام آباد سان تعلق رکندڙ دفاعي ماهر سيد محمد علي جو چوڻ آهي ته فتح سيريز ميزائلن جي خاصيت اها آهي ته: "اهي انتهائي درستگي سان نشانو بڻائين ٿا ۽ اهي سپرسونڪ آهن.”انهن جي خصوصيت انهن جي ‘ مينوورابيل ان ٽرمينل اسٽيج ‘ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ڪو به بيلاسٽڪ ميزائل سسٽم ان کي ھِٽ نٿو ڪري سگهي.
سيد محمد علي جي مطابق، اسرائيل وانگر، هندستان جي دفاعي نظام ۾ به ٽي دائرا آهن: ٻاهريون دائرو . ايس 400 آهي، جنهن جي رينج ٽي کان چار سؤ ڪلوميٽر آهي، پوءِ هندستان وٽ اسرائيل پاران مهيا ڪيل براق 8 زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل سسٽم آهي، ۽ ٽيون هندستان جو پنهنجو ‘آڪاش’ سسٽم آهي، جيڪو هن دفاعي نظام جو ٽيون دائرو آهي.پاڪستان ۾ ڪيترائي سوشل ميڊيا صارف هندستان خلاف جوابي آپريشن جو نالو "بنيان مرصوص” رکڻ جي تعريف ڪري رهيا آهن ۽ ان کي هڪ بهترين نالو قرار ڏئي رهيا آهن.
هندستان جو ‘آپريشن سندور’ ڇا آهي ؟:
ياد رهي ته ھن کان اڳ، ھندستان اڱاري جي رات پاڪستان ۽ ان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ آپريشن سندور شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هندستاني فوج چيو ته هن پاڪستان خلاف حملن جو نالو ‘آپريشن سندور’ رکيو آهي ۽ هندستاني ميڊيا ۾ اهو نالو تمام گهڻو معنيٰ خيز سمجهيو ويندو هو.ان حوالي سان، هندستاني فوج ۽ هندستاني پرڏيهي وزير جئھ شنڪر جي سرڪاري اڪائونٽس مان هڪ تصوير پڻ پوسٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ انگريزي اکرن ۾ ‘آپريشن سندور’ لکيل آهي. ان ۾، انگريزي لفظن مان هڪ، ‘O’، کي سندور سان ڀريل هڪ گول پيالي سان تبديل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي ‘O’ ۾ سندور پيالي مان ٻاهر نڪري رهيو آهي.ياد رهي ته هندستان ۾ هندو عقيدي موجب، سندور عورت جي شادي جو ثبوت آهي، جڏهن ته مڙس جي وفات تي، پيشاني تان سندورلاٿو ويندو آهي ۽ ان کي سينڌجي اجڙڻ سان منسوب ڪيو ويندو آهي.