ڪراچي(رپورٽر)گلشن اقبال جي علائقي ۾ پيش آيل فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو،جڏهن ته ٻه عورتون زخمي ٿي پيون، پوليس مطابق اهو واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو،تفصيلن موجب مقتول اڪرم جيڪو پيشي جي لحاظ سان ٽرانسپورٽر هو، مقتول نماز پڙهي مسجد مان ٻاهر نڪتو ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوارن کيس نشانو بڻايو،اڪرم جان بچائڻ لاءِ ڀڳيو پر حملہ آورن ٻيهر فائرنگ ڪري کيس ماري ڇڏيو، پوليس ذريعن موجب مقتول جي خاندان جو هڪ ٻيو ميمبر اڳ به قتل ٿي چڪو آهي، جنهن سبب ذاتي دشمني جو امڪان آهي، فائرنگ سبب مسجد ٻاهران ويٺل ٻه عورتون جيڪي خيرات وٺڻ ۾ مصروف هيون، اهي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيون، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جاءِ واردات تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن ۽ جاچ جاري آهي، جڏهن ته حملو ڪندڙن جي ڳولا پڻ شروع ڪئي وئي آهي.