اسلام آباد (م ڊ) ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي سفارتڪاري مان 65 سيڪڙو پاڪستاني مطمئن آهن جن حڪومت جي پرڏيهي پاليسي جي ساراهه ڪندي ان کي سٺو قرار ڏنو. گيلپ پاڪستان جي نئين سروي موجب 15 سيڪڙو پاڪستاني حڪومتي پرڏيهي پاليسي مان مطمئن نه آهن. 64 سيڪڙو سڀني سياسي پارٽين جي اتحاد جي آجيان ڪئي، جڏهن ته 22 سيڪڙو عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. 78 سيڪڙو پاڪستانين چيو ته هندستان سان جنگ جي صورت ۾ اهي چين تي سڀ کان وڌيڪ ڀروسو ڪندا. 66 سيڪڙو ماڻهن پاڪستان کي ترڪي، 63 سيڪڙو سعودي عرب، 60 سيڪڙو ايران، 56 سيڪڙو بنگلاديش، جڏهن ته 51 سيڪڙو افغانستان کان مڪمل حمايت جي اميد ظاهر ڪئي جڏهن ته اولهه ملڪن طرفان گهٽ مدد جو چيو ويو.