ڊي ايس پي سيف الله ڪورائي جو گولي لڳل لاش هٿ

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ڀرسان پنجاب جي رحيم يار خان پوليس جي اسپيشل برانچ جي ڊي ايس پي سيف الله ڪورائي جو ضلع رحيم يار خان جي ٿاڻي اقبال آباد جي حد ڳوٺ ڊيره شمس اقبال آباد مان پنهنجي گهر ۾ مٿي ۾ گولي لڳل لاش مليو، اطلاع تي ڊي پي او رحيميار خان عرفان علي سمون جي اڳواڻي ۾ نفري پهچي واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ لاش قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪرايو ۽ وڌيڪ معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو، علائقي واسين جو چوڻ هو ته ڊي ايس پي سيف الله ڪورائي ڪجههعرصو اڳ گردن جي عارضي ۾ مبتلا هو، ٽرانسپلانٽ بعد صحت مند ٿي ٻيهر نوڪري تي به وڃي رهيو هو، واقعي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڊي پي او عرفان علي سمون ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي واري هنڌ هٿيار ۽ ميڊيڪل رپورٽن جي آڌار ۽ جديد طريقي سان واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.