ڀارت ٽيون ڏينهن پنهنجي جنگي جارحيت برقرار رکندي سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف 24 هنڌن تي ڊرون حملا ڪيا ۽ پاڪ فوج رپورٽن موجب سندن 30 ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا. انهن ڊرون ذريعي ڪراچي، گهوٽڪي، سکر، عمرڪوٽ، لاهور، راولپنڊي، گجرانوالا، اٽڪ، چڪوال، بهاولپور ، رحيم يار خان جي شهرن ۾ حملا ڪيا ويا جنهن ۾ اسرائيلي ساخت جا هيروپ ڊرون پڻ استعمال ڪيا ويا. جڏهن ته ڀارت 15 هنڌن تي پاڪستاني حملي جي دعويٰ ڪئي جنهن کي پاڪستان ڪوڙي خبر قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان حملو ڪنداسين ته سڄي دنيا ڏسندي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو.
البت ڪالهه ڪجهه ٺاپر نظر آئي آهي. شل ايئن ئي هجي ۽ ايئن ٺاپر رهي. اهو به ممڪن آهي ته ڀارت، هاڻي پاڪستان جي جوابي ڪارروائي جي انتظار ۾ هجي پنهنجا سڀ هٿيار يڪدم استعمال ڪري ضايع نه ڪرڻ چاهيندو هجي ۽ هوڏانهن پاڪستان کي به مڇرائڻ وارا مڇرائي رهيا آهن ته پاڪستان به مهل ۽ مناسبت ڏسي ضرور ڀارت کي جنگي حملي جو جواب ڏيندو. اهو جنگي حملو ڪهڙي نوعيت جو هوندو تنهن بابت پاڪستان جو اهو ئي موقف ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته اهو ڀارت جيان بزدلي جو مظاهرو ڪندي عام شهرين ٻارن، عورتن کي نشانو نه بڻائيندو پر ڀارت جي فوجي طاقت تي حملو ڪندو. عام طور تي جنگي حڪمت عملي ظاهر ناهي ڪبي پر جيڪڏهن پاڪستان واقعي به عوام جي جان کي نشانو نه ٿو بڻائي ته يقينن پاڪستان کي اخلاقي فتح ماڻڻ جو هڪ عظيم موقعو مليل آهي.
پهريون ته اسان جنگ جي ئي خلاف آهيون، ان جي ڪنهن به شڪل کي قبول نٿا ڪريون. اسان ته هاڻي به امن ۽ ڳالهين جي ماحول جا قائل آهيون ۽ ان جي ئي ڳالهه ڪنداسين پر افسوس ته ڀارت جهڙي هڪ وڏي ملڪ انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي جنگ جي خوف ناڪ باهه ٻاري تمام وڏي غلطي ڪري وڌي آهي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته جنگ شروع ته پنهنجي مرضيءَ سان ڪئي ويندي آهي پر اها پنهنجي مرضيءَ سان ختم ناهي ٿيندي پر هڪ ڳالهه مڃڻ جي آهي ته پاڪستان هن جنگ ۾ هيل تائين انتهائي سنجيده ۽ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهڙي ذميواراڻي ڪردار جي توقع ڪرڻ به گهرجي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي ملڪ آهن، پر افسوس ڀارت کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ ان پهلگام جهڙي عام ۽ ننڍي واقعي کي بنياد بڻائي انتهائي قدم کڻي ورتو جڏهن ته ڏسجي ته اهڙا واقعا روز ڪشمير ۽ پاڪستان ۾ ٿيندا رهن ٿا پر پاڪستان ڪڏهن به ان کي بهانو بڻائي جنگي اڳرائي ناهي ڪئي پر ڀارت ڪري وڌي آهي.
اسان کي هن جنگ ۾ اهو ڏسي به حيرت ٿي رهي آهي ته عالمي برادري جو هن جنگ کي روڪڻ ۾ ڪو فيصلائتو ڪردار يا ارادو نظر نٿو اچي. آمريڪا جي نائب صدر ته اهو به چيو آهي ته پاڪ ڀارت جي جنگي معاملي ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون. اهو هڪ سپر پاور ۽ دنيا جي وڏي ملڪ جو ڏنل بيان بظاهر لاتعلقي وارو ۽ غير ذميواراڻو آهي. آمريڪا ۽ ٻي سڄي عالمي برادري کي گهٽ ۾ گهٽ جنگي معاملن ۾ بلڪل به جوڳو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جنگ يا وڙهڻ هڪ بدڪاري وارو عمل آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ ۽ دنيا اندر امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن کي پنهجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي. اسان سندن لاتعلقي واري پاليسي جي مذمت ڪريون ٿا. آمريڪا جي ته وري به اها پاليسي سمجهه ۾ اچي ٿي جو جنگيون ان جي فائدي ۾ هونديون آهن ته جيئن ٻيا ملڪ کانئس وڌ کان وڌ جنگي هٿيار خريد ڪن. پر باقي دنيا جا ملڪ ڪٿي آهن. ايستائين جو پاڪستان جو سڀ کان گهاٽو دوست چين به هن جنگي صورت حال ۾ خاموش ۽ لاتعلق نظر رهيو آهي جڏهن ته هن جنگ جي حوالي سان هڪ تجزيو اهو به آهي ته چين کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ ئي آمريڪا هيءَ جنگ ڪرائي آهي. جيڪڏهن واقعي به ان نوعيت جي ڪا کچڻي ٺهي رهي آهي ته پوءِ عالمي برادري کي ان تي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته جيئن دنيا کي جنگين کان ۽ جنگيون ڪرائيندڙ ڌرين کان بچائي سگهجي.ان لاءِ چين، روس، پاڪستان، ايران، افغانستان، ترڪي، بنگلاديش، ڀارت ۽ يورپي ملڪن توڙي سعودي عرب کي اڳتي اچڻ گهرجي.
بهرحال پاڻ ڳالهه پيا ڪريون عالمي برادريءَ جي پاڪ ڀارت واري موجوده جنگ ۾ اختيار ڪيل لاتعلقي ۽ خاموشيءَ جي اهڙي صورتحال ۾ آخري ذميواري ڄڻ ته پاڪستان جي ڪلهن تي اچي پئي آهي. هاڻي سڄو دارومدار پاڪستان تي آهي ته اهو ڪهڙو ٿو ڪردار ادا ڪري. هن وقت تائين ته سندس صبر ۽ ذميواري مثالي آهي گهٽ ۾ گهٽ ان پنهنجي طرفان ڪا اڳرائي ناهي ڪئي ۽ اهو به ڀارت ئي آهي جنهن ان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ڀارت کي هڪ جنگي جواب ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ٻي صورت ۾ پاڪستان تي تنقيد به ٿي سگهي ٿي ته هن ڀارت کان جنگ جو بدلو ناهي ورتو.
اسان ته چاهينداسين ته جيڪر پاڪستان اخلاقي فتح ماڻڻ جو سوچي ۽ ڪو جنگي قدم نه کڻي دنيا کي ٻڌائي ته اهو ڀارت ئي آهي جيڪو پاڪستان ۾ دهشت گردي ڪندو آهي، جنهن پهلگام واقعو ڪرائي ان جي آڙ ۾ جنگ ڪئي ۽ ان جي غير ذميوار حرڪتن کي نه روڪيو ويو ته ايٽمي جنگ به ڇڙي سگهي ٿي. سوچڻ تي اچجي ته پاڪستان اهو به ڪافي ڪيو آهي جو ڀارت جي جارحيت، اڳرائي ۽ جنگي جنون کي دنيا اندر وائکو ڪيو آهي. هاڻي عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اها ڀارت جي جنگي جنون کي روڪي. اسان ڀارت جي اديبن، دانشورن، فنڪارن کي پڻ اپيل ڪنداسين ته اهي ڀارت جي انتهاپسندي ۽ جنگي جنون جي مذمت ڪن، مزاحمت ڪن ۽ کيس امن جي واٽ تي آڻڻ لاءِ مجبور ڪن.