بيجنگ (م ڊ) چيني ميمرن به ڀارت جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو، پاڪستاني فوج جي هٿان ڀارتي رافيل جهازن جي تباهي تي طنزيه گانو ٺاهي ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي چئن چيني ميمرن جي هڪ ٽڪ ٽاڪ وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اهي ڀارتي لباس پائي، ڀارتي گاني جي ڌن تي نچي ڀارت جي دعوائن جو مذاق اڏائي رهيا آهن. وڊيو ۾ چيني ميمرن ڀارتي رافيل جهازن جي نقصان تي طنزيه انداز ۾ ڊانس ڪندي نظر اچي رهيا آهن، جيڪا ناظرین ۾ تيزي سان مقبول ٿي رهي آهي.