ڀارت پاران اسرائيلي ڊرون ذريعي حملا، سنڌ جي هاري سميت 3 شهري شهيد، اسان حملو ڪيو ته دنيا گونج ٻڌندي: پاڪ فوج

ڪراچي/ اسلام آباد/ سکر/ داد لغاري (م ڊ /نمائندا ) ڀارت طرفان جديد اسرائيلي ساخت ”هيروپ“ ڊرونز ذريعي پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جو پاڪ فوج سخت جواب ڏيندي 29 جاسوس ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا، فوجي ڪارروائين دوران ڊرونز جو ملبو ڪِرڻ سبب سنڌ جي هڪ هاري سميت 3 شهري شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ شرافي ڳوٺ ۽ گلشن حديد ۾ 2 ڊرون تباهه ٿيا، جتي ڪو به جاني ناهي ٿيو، ملير جي نمائندي جميل چانڊيو موجب پاڪستان ايئر ڊفينس جي فوري ڪارروائي دوران گلشن حديد لڳ عيسب جوکيو ڳوٺ ۽ شرافي ڳوٺ جي شاهه علي ڪچي آبادي ۾ 2 ڀارتي جاسوس ڊرون ڪيرائي ناڪارا ڪيا ويا، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، شرافي ڳوٺ ۾ گهر جي ڇت کي نقصان پهتو، سيڪيورٽي فورسز، حساس ادارن ۽ ڪرائيم سين جون ٽيمون، پوليس، رينجرز واقعي واري هنڌ پهچي ويون جن علائقي کي گهيري هيٺ آڻي شاهديون گڏ ڪيون، سيڪيورٽي فورسز ذريعن موجب ملير جي شرافي ڳوٺ ۽ لنڪ روڊ ويجهو ڪيرايل ڀارتي ڊرون اسرائيلي ساخت "هيروپ ايم ڪي 2” قسم جا ٻڌايا وڃن ٿا جيڪي 35,000 ميٽرن جي بلندي تي اڏام جي صلاحيت رکن ٿا، هن ڊرون کي اينٽي ايئرڪرافٽ گن سان نشانو نه ٿو بڻائي سگهجي، ان جي انجڻ برطانيا جي UAV Engines Ltd. پاران تيار ڪيل آهي، جنهن جو ليبل پڻ واضح طور موجود آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته هي دنيا ۾ پهريون ڀيرو آهي جو هن قسم جو ڊرون ڪيرائي ناڪارا بڻايو ويو آهي، جيڪا هڪ اهم ڪاميابي آهي، داد لغاري جي نمائندي رانجهن لغاري موجب گذريل ڏينهن ڀارت پاران گهوٽڪي ضلعي جي شهر داد لغاري ويجهو ديھه بگو دڙو ۾ به هڪ ڊرون حملو ڪيو ويو پر پاڪستان آرمي پاران اهڙو حملو ناڪام ڪيو ويو، ڊرون ڪِرڻ سبب ڳوٺ سرفراز لغاري جا ٻه ڳوٺاڻا شديد زخمي ٿي پيا جن کي ڳوٺاڻن علاج لا ڏهرڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي مختيار لغاري زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس والد عيدن زخمي ٿي پيو، ڊرون حملي ۾ شھيد مختيار لغاري جي جنازي نماز سندس ڳوٺ سرفراز لغاري ۾ ادا ڪئي وئي بعد ۾ سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي حوالي ڪيو ويو، شهيد مختيار لغاري جي جنازي نماز ۾ اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري پتافي، ڊي جي رينجرس، ميان رفيق احمد قادري، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار ڏهرڪي سميت مقامي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شهيد مختيار لغاري جي والد محمد عيدن لغاري چيو ته مونکي پنهنجي پٽ جي شهادت تي فخر آهي ۽ منهنجي پٽ جي شهادت رائيگان نه ويندي، اسان آخري دم تائين وطن جي دفاع لا پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهيون، ڀارت اسانجا حوصلا ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ڀارت کي پاڪستان مٿان ڪيل حملن جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، سکر جي نمائندي شفيع محمد ابڙو موجب سکر بئراج ۽ سکر ايئرپورٽ جي آس پاس ۾ ڀارتي ڊرون جهاز ڪرڻ جا اطلاع مليا، جنهن بعد سکر پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ واري ادارن جي اهلڪارن ڪيرايل ڊرون کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، جڏهن ته سکر ايئرپورٽ تي ڪراچي کان ايندڙ جهاز کي روڪيو ويو هو، ايس ايس پي سکر جو چوڻ هو ته ميڊيا ذريعي اطلاع مليو جنهن تي علائقي ۾ سرچ آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، آخري اطلاع تائين ڊرون جو ملبو هٿ نه اچي سگهيو هو، هوڏانهن لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڀارتي جاسوس ڊرون تباهه ڪيا ويا، لاهور جي والٽن روڊ ۽ ڊفينس واري علائقي ۾ 3 ڊرون تباهه ڪيا ويا، راولپنڊي ۾ به 3 ڊرون ڪيرايا ويا، جن مان هڪ ريس ڪورس گرائونڊ ۽ ٻيو رومي روڊ تي بنگلي تي ڪِري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو زخمي ٿيا، ان کانسواءِ گوجرانوالا جي ڳوٺ پير جهنڊ ۽ واهنڊو جي ڳوٺ ٽوڪريان مان به ڊرونز جو ملبو هٿ آيو، شيخوپوره جي ڳوٺ باهومان، چڪوال جي ڊومڻ ٿاڻي جي حدن، بهاولپور ڀرسان چولستان ۽ اٽڪ جي ڊوڪ اعواڻ واري علائقي ۾ به ڊرون ڪيِرايو ويو، اٽڪ ۾ ڊرون جو ملبو ڪِرڻ سبب محبوب نالي شهري شهيد ٿي ويو، نارووال ۾ شهرين ڀارتي جاسوس ڊرون پڪڙي ورتو، فورسز طرفان ٻين سرحدي علائقن ۾ به اسرائيلي ساخت ڊرونز کي تباهه ڪيو ويو، ٻي پاسي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ڪالهه شام جو وقت اسلام آباد ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو آهي ته پاڪستاني فوج طرفان ڀارت جا وڌيڪ چار ڊرون ڪاميابي سان ڪيرايا ويا آهن، جنهن کانپوءِ تباهه ڪيل ڊرونز جو انگ 29 ٿي ويو آهي.

اسلام آباد (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڀارتي دعوائون رد ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي 15 هنڌن تي حملي جي ڪهاڻي من گهڙت آهي، پاڪستان جڏهن حملو ڪندو ته اسان کي يا ڀارت کي اِهو ٻڌائڻ جي ضرورت نه پوندي، دنيا کي خبر پئجي ويندي ته پاڪستان حملو ڪيو آهي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڀارت مان پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ڊرونز پاڪ فوج تباهه ڪري ڇڏيا، ڀارت ڪيئي هٿياربند ڊرونز مختلف هنڌن تي پاڪستاني فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، پاڪستان پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي ۽ پاڪستان ڀارت جا جنگي جهاز تباهه ڪيا اِها ڳالهه شايد ڀارت کان هضم نه پئي ٿئي، هن چيو ته پاڪستان ڀارتي پنجاب جي ڪنهن شهري علائقي ۾ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هڪ ذميوار ملڪ طور پاڪستان هر ممڪن اسٽريٽيجڪ احتياط جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان ڀارتي جارحيت جو پنهنجي طئي ڪيل وقت ۽ هنڌ تي جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڀارتي ڊرونز لاهور ۾ فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀارت ڪو ايڊوينچر ڪيو ته اسان جي زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج الرٽ آهي تنهنڪري پاڪستاني قوم کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، هٿياربند فوجون دفاع لاءِ پرعزم آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر لفيفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ جنون پيدا ڪيو ويو ته پاڪستان 15 هنڌن تي حملو ڪيو آهي، ڀارت جي 15 هنڌن تي حملو ڪرڻ جي من گهڙت ڪهاڻي آهي، ڀارتي حڪومت ۽ ڀارتي آرمي ڇا 18 هين صديءَ ۾ رهي ٿي، هن سوال اُٿاريندي چيو ته ڀارتي حڪومت ڪڏهن ٿيٽر ۽ سئنما مان نڪرندي ۽ حقيقت جي دنيا ۾ ايندي؟ ڀارت جيڪي ثبوت ڏيکاري رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته جيڪا به شئي پاڪستان ڏانهن اچي تي ان تي پاڪستان جي نظر هوندي آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ڊرون ڪِيرائڻ جون وڊيوز پريس ڪانفرنس دوران هلايون ۽ چيو ته هي ڊرون تمام ننڍڙا آهن، سمجهيو ويندو آهي ته پِڪ نظر نه ٿيندا پر اسان تباهه ڪيون ٿا، اسان کي خبر آهي ته انهن کي ڪٿي ڪيرائڻو آهي، ڪيئن ڪِيرائڻو آهي ۽ هنيئر تائين 29 ڊرونز تباهه ڪري چڪا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته هي دشمن فوجي يا شهري جي تميز ناهي ڪندو، اطلاعن موجب هينئر تائين ڊرون حملن ۾ ٽي ڄڻا شهيد ٿيا آهن، ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي حملي جي مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ڀارتي ميڊيا تي جعلي وڊيوز ۽ تصويرون ڏيکاريون پيون وڃن، امرتسر ۾ ڀارتي ٿاڪن کي ڀارتي ميزائلن ئي نشانو بڻايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.