اسلام آباد (نمائندو خصوصي) سعودي عرب جو پرڏيهي مملڪتي وزير عادل الجبير اڄ پاڪستان جو اهم دوري تي ايندو، جتي هو پاڪستاني هم منصب اسحاق ڊار سان ملاقات ڪندو. ذريعن موجب، سعودي عرب پاڪ-ڀارت تڻاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ عادل الجبير جو هي دورو به انهيءَ پسمنظر ۾ ڪيو پيو وڃي.دوري دوران، سعودي وزير مملڪت وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪندوذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثالثي جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، ۽ اڄ عادل الجبير ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ به موجود هوسعودي سفارتي قدمن کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي