لنڊن(م ڊ)برطانوي پارليامينٽ ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ بابت بحث ڪيو ويو، جنهن دوران مختلف سياسي جماعتن جي ميمبرن برطانيه تي زور ڀريو ته هو خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. برطانيا جي پرڏيهي وزير هيملش فائيلڪنر هائوس آف ڪامنز کي آگاهه ڪيو ته برطانيا مسلسل ٻنهي ملڪن کي تحمل جي تلقين ڪندو رهيو آهي.هيملش فائيلڪنر زور ڀريو ته انڊيا ۽ پاڪستان کي ڳالهين ذريعي فوري ۽ سفارتي حل ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ’عام شهرين جي زندگين جو ضايع ٿيڻ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي،جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته اهو ڪنهن جي به حق ۾ نه ٿيندو،برطانوي وزير واضح ڪيو ته ٻنهي ڌرين کي هاڻ اهڙن قدم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي علائقائي استحڪام جي بحالي ۽ عام شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائين. هن اها به خاطري ڪرائي ته برطانيا ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ سفارتي حل لاءِ پنهنجو پورو ڪردار ادا ڪندو.