اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي بابت اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ۽ ان تي ڀرپور جوابي ڪارروايون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ سطحي اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت شريڪ ٿي، جڏهن ته وفاقي وزير ۽ سيڪيورٽي اختياريون به موجود رهيون، ان کان سواءِ ، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم هائوس پهتو، اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڀارتي جارحيت ۽ اشتعال انگيزي تي ڀرپور جوابي ڪارروائيون جاري رکيون وينديون، اجلاس دوران ڊرون حملن ۽ پاڪستاني ردعمل بابت به آگاهي ڏني وئي، پاڪستاني قيادت ڀارتي حملن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڀارت جا 25 اسرائيلي ساختا ڊرون تباهه ڪيا ويا آهن، فورم پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ته ڊرون حملن ۾ شهيد ٿيندڙن جو بدلو ضرور ورتو ويندو ۽ هر هڪ پاڪستاني جي رت جو حساب ضرور ورتو ويندو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سڄي قوم پاڪ فوج سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي بيٺل آهي، اسان کي پنهنجي پاڪ فوج تي فخر آهي ۽ اسين هر حال لاءِ تيار آهيون، پاڪستان ڀارت جا ڊرون ۽ جهاز ڪاميابي سان ڪيرائي تباهه ڪيا آهن، شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي وقار ۽ عزت سان گڏ امن لاءِ پرعزم آهي، پاڪ فوج وٽ دشمن جا ارادا ناڪام بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي، دشمن کي خود اراديت، علائقائي سالميت تي حملي ۽ سلامتي جي ڀڃڪڙي جو ڀرپور جواب ضرور ملندو.