جلالپور ڪئنال جي اڏاوت جي مذمت ڪريون ٿا:زين شاهه

سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ ) سنڌو بچايو تحريڪ جي ڪنوينئر سيد زين شاھ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته رسول  بئراج تي غيرقانوني جلالپور ڪئنال جي اڏاوت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هن چيو ته هي منصوبو، جيڪو پنجاب صوبي جي تعلقي پنڊ دادن خان ۾ آهي جنهن سان 1,97,000 ايڪڙ زمين تي خفيه نموني ڪينال جوڙيو پيو وڃي جنهن تي اڄ بہ ڪم ھلي رھيو آھي ان سان سنڌ جو پاڻي چورايو ويندو اسين سنڌ جي پاڻيءَ تي هي ڌاڙو ڪنهن بہ صورت ۾ قبول نه ڪنداسين،هن چيو ته  حڪومت وقت کي چونداسين ته هُو پنهجن حرڪتن کان باز اچن اسان مطالبو ڪيون ٿا ته هن منصوبي کي فوراً روڪيو وڃي ۽ ان بابت پوري شفافيت سامهون آندي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.