ويٽيڪن سٽي (م ڊ) ويٽيڪن سٽي ۾ ٿيندڙ چونڊن جي گهٽ ۾ گهٽ چار مرحلن کان پوءِ ڪارڊينل رابرٽ پري ووسٽ کي ڪيٿولڪ مسيحين جو نئون روحاني اڳواڻ چونڊيو ويو. هو پوپ ليئو 14هين جي نالي سان سڃاتو ويندو. 69 ورهين جو ووسٽ، 2023 ۾ ڪارڊينل بڻيو هو، ان کان اڳ 2015 کان 2023 تائين پيُرو ۾ بشپ طور ذميواريون نڀايون. هو ڪيٿولڪ تاريخ جو 267هين ۽ آمريڪا جو پهريون پوپ بڻيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کيس مبارڪباد ڏيندي چيو ته آمريڪي پوپ چونڊجڻ تي فخر آهي، ۽ پوپ ليئو سان جلد ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي.